ڪنري ڀرسان پير ترڪڻ سبب ٻارڙي شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت

ڪنري (ت ر) ڪنري جي موھن ڪولھي ڪالوني ۾ 7 ورھين جي چندران ڌيءُ سُکيو ڪولھي پير ترڪڻ سبب ٽوڀان شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت  ٿي وئي. وارثن موجب ٻارڙي پنھنجي ماءُ سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ شاخ تي وئي، جتي پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ڪري پئي. ماءُ جي رڙين تي پاڙيسرين اچي ٻارڙيءَ کي ٻاھر ڪڍي اسپتال پھچايو پر هو فوت ٿي چڪي ھئي. رھواسين ٻڌايو ته گھرن ڀرسان گذرندڙ شاخ کي بااثر پاران ڳنڊو ڏنو ويو آھي، جنھن سبب شاخ ۾ 6 فٽ کان مٿي پاڻي بيٺل آھي، جنھن ڪري رهواسين کي پريشانيون ۽ ۽ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.