ٽنڊي جان محمد ۾ برساتن بعدکنگهه، زڪام ۽ خارش

انب موري (ن ع آ) ٽنڊو جان محمد لڳ يوسي قاضي اشرف جي ڳوٺ علي محمد جروار ۾ رئيس حسين بخش جروار جي تعاون سان ٿرديپ ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام  ۽ پي پي ايف جي سهڪارسان ميڊيڪل فري ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ٽي سئو پنجاھ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون. اداري طرفان ڊاڪٽر هيرانند،  ڊاڪٽر نسيم، ڊاڪٽر بشير احمد، ڊاڪٽر ثمرين ۽ گلشير جمالي شرڪت ڪئي. ڊاڪٽرن ميڊيا کي ٻڌايو ته مريضن کي کنگهه، زڪام، گلي جون بيماريون، خارش ۽ پيٽ جي بيمارين جون وڌيڪ شڪايتون آھن، برساتي پاڻي واپرائڻ، مڇرن جي واڌاري ۽ کاڌي جي ڪري بيماريون وڌيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.