ميهڙ ۾ ايس يو پي جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ريلي، ڌرڻو

ميهڙ ۾ ايس يو پي پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڪارڪنن سڪندر سوڍر، حاجي خان، حبيب حضوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي گھنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻوڏ ۾ تعلقي ميهڙ جا سمورا ڳوٺ ٻڏي ويا آهن پر انتظاميا متاثر کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي.

هنن الزام هڻندي چيو ته مختيارڪار ميهڙ ۽ تپيدار نديم مهيسر سنڌ سرڪار طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ ملندڙ راشن ورهائڻ بدران وڪرو ڪري رهيا آهن.

اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ سيشن جج ميهڙ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي راشن  وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري بنا دير متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.