ڇا اخروٽ کائڻ موتمار بيمارين کان بچائيندو؟

هڪ تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته اخروٽ کائڻ سان دل جون بيماريون گهٽ ٿينديون آهن.

يونيورسٽي آف منيسوٽا اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي تحقيق ۾ اخروٽ جو دل جي صحت سان ڳانڍاپي جو جائزو ورتو ويو.

ماهرن موجب اخروٽ کي ننڍپڻ کان کائڻ واري عادت انسان کي ڪيترين ئي دل جي بيمارين کان بچائيندي آهي ڇاڪاڻ ته اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز ڀرپور شامل هوندو آهي جڏهن ته سڄي ڏينهن ۾ اٺاويهه گرام اخروٽ کائڻ سان جسم کي چار گرام پروٽين، ٻه گرام فائبر ۽ پنجيتاليهه ملي گرام ميگنيشيم به حاصل ٿيندو آهي، مختلف قسمن جا اينٽي آڪسيڊينٽس به شامل هوندا آهن.

ماهرن ٻڌايو آهي ته اخروٽ کائڻ سان دل جون بيماريون، ٿولهه ۽ شگر جي بيماري کان جند ڇٽي سگهجي ٿي.

ان تحقيق جي شروعات اڻويهه سو پنجاسي ۾ ٿي جڏهن ته هلندڙ سالن ۾ ٽي ڀيرا ٽي هزار ٽيويهه ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.