نيراني پاڻي پيئڻ فائديمند يا نقصانڪار؟

پاڻي جسم جي لاءِ انتهائي ضروري آهي اها ڳالهه ته هر ننڍي وڏي کي هوندي آهي. پر سدائين ماڻهو سوال ڪندا رهندا آهن ته ڇا رات جو سمهڻ کانپوءِ صبح جو اٿڻ سان ئي نيراني پاڻي پيئڻ فائديمند ثابت ٿيندو آهي يا نه؟ ته ان جو جواب آهي ”ها“ اهو جسم کي ڪيترائي فائدا پهچائيندو آهي.

نيرائي پاڻي پيئڻ جا ڪجهه فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا.

دماغ جي لاءِ پيٽرول جيان ڪم ڪرڻ

انساني دماغ جو ٽيهتر سيڪڙو پاڻي تي ٻڌل آهي. جسم ۾ پاڻي جو گهربل مقدار دماغي سرگرمين جي لاءِ تمام ضروري آهي. نيراني هڪ گلاس پاڻي پيئڻ ڏينهن جي شروعات جي حوالي اهو هڪ سُٺو سنئوڻ آهي.

ذهني طور گهڻو ڦڙت ڪرڻ

جسم ۾ پاڻي جي کوٽ جي سڀ کان وڏي نشانين مان هڪ توانائي جي کوٽ جو احساس آهي. ان جو سبب اهو آهي ته پاڻي جسم ۽ دماغي بهتري لاءِ مدد ڏيندو آهي. اهڙي ئي ريت اهو مزاج کي برقرار رکڻ جي لاءِ به ضروري آهي. سڄي رات پاڻي نه پيئڻ کانپوءِ نيراني پاڻي پيئڻ سان جسم کي وڏي پيماني تي هاڪاري جهٽڪو لڳندو آهي جنهن سان ذهني طور ڦڙتي، چستي ۽ توانائي جي سطح ۾ واڌ ٿيندي آهي.

جسم ري هائڊريٽ ٿيندو آهي

ڇهه کان اٺ ڪلاڪن تائين گهڻي ننڊ کانپوءِ جسم گهڻي دير تائين پاڻي کان پري رهندو آهي. اٿڻ سان ئي هڪ يا ٻه گلاس پاڻي پيئڻ جسم کي فوري طور تي ري هائڊريٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جو سٺو طريقو آهي.

صحت جي ماهرن موجب ڪجهه ماڻهو نيراني چانهه يا ڪافي پيئڻ کي ترجيح ڏيندا آهن جيڪو اينٽي آڪسيڊنٽس کي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي پر جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ناهي ٿيندي.

ميٽابولزم جي بهتري

نيراني پاڻي پيئڻ جي عادت ميٽابولزم کي بهتر بڻائيندي آهي ۽ ٿولهه جو خطرو گهٽجي ويندو آهي. جيڪڏهن نيراني هڪ يا ٻه گلاس هلڪي گرم پاڻي جا پيتا وڃن ته اهو پيٽ جي چرٻي کي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

بيمارين کان بچاءُ

ننڊ دوران جسم اندرين خرابين جي مرمت ۽ ريڪوري ڪندو رهندو آهي. صبح جو نيراني پاڻي پيئڻ سان دفاعي نظام جي لاءِ زهريلي مادن کي ڪڍڻ واري عمل ۾ تيزي ايندي آهي. دماغ کي ڇڏي ڪري به جسم جا ڪيترائي حصا جهڙوڪ دل، گڙدن ۽ ڦڦڙن جي لاءِ به پاڻي تمام ضروري هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.