ٽينس جي هڪ دور جي پڄاڻي، راجر فيڊرر رٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سوئٽزرلينڊ سان واسطو رکندڙ ٽينس جي دنيا جي وڏي نالي راجر فيڊرر ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راجر فيڊرر گرينڊ سلم ۽ اي ٽي پي ٽور ٽينس تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال لنڊ ۾ شيڊول ليور ڪپ سندس آخري ايونٽ هوندو.

41 ورهين جي ٽينس اسٽار جو چوڻ هو ته منهنجي جسم واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، مون چويهه ورهين دوران 1500 کان وڌيڪ ميچون کيڏيون ۽ هاڻ مونکي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪيريئر کي ڪٿي ختم ڪرڻو آهي.

فيڊرر وڌيڪ لکيو ته راند سان محبت ڪيان ٿو ۽ اها ڪڏهن ختم نه ٿيندي.

واضح رهي ته 20 ڀيرا گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامنٽ کٽيندڙ فيڊرر گذريل سال ومبلڊن ٽينس ٽورنامنٽ بعد گوڏي جي سرجري سبب ڪنهن به ايونٽ ۾ حصو ناهي ورتو.

فيڊرر 1998 ۾ 16 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ پهريون گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامنٽ 2003ع ۾ وملبڊن اوپن جي صورت ۾ کٽي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.