ڪراچي: جناح اسپتال ۾ عورت کي ڄاول 6 ئي جاڙا ٻار لاڏاڻو ڪري ويا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ گذريل ڏينهن عورت کي ڄاول 6 جاڙن ٻارن مان بچي ويل 5 به لاڏاڻو ڪري ويا.

جناح اسپتال انتظاميا موجب ڪراچي جي علائقي ڪالا پل جي رهواسڻ حنا زاهد هڪ ئي وقت 6 ٻارن کي جنم ڏنو هو، جن مان هڪ مئل ڄائو هو، جڏهن ته 5 جيئرا هئا.

گائني وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر عائشا وارث موجب سمورا ٻار نارمل ڊليوري سان پيدا ٿيا، جن مان 3 پٽ ۽ 2 ڌيئرون جيئريون هيون.

هن ٻڌايو ته اسپتال پروٽوڪول موجب انهن انتهائي نگهداشت جي ضرورت کي ڏسندي ماءُ ۽ ٻارن کي ٻارن جي صحت بابت قومي اداري ۾ منتقل ڪرڻ جو چيو هو ته جيئن ٻارن کي انڪيوبيٽر ۾ انتهائي نگهداشت ۾ رکي سگهجي.

جناح اسپتال انتظاميا موجب ٻارن وزن انتهائي گهٽ هو، جنهن سبب سمورا ٻار لاڏاڻو ڪري ويا.

هوڏانهن ٻارن جي صحت بابت قومي اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ناصر سليم ٻڌايو ته ٻار ڄمڻ سان ئي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ هئا.

هن چيو ته سڀني ٻارن جو وزن تقريبن 300 کان 350 گرام هو، اهڙا ٻار جيئرا رهڻ جي شرح دنيا ۾ انتهائي گهٽ آهي.

ڊاڪٽر ناصر جو چوڻ هو ته ٻن ٻارن جو لاڏاڻو جناح اسپتال ۾ ئي ٿي ويو هو، جڏهن ته وڌيڪ ٻه ٻار جناح اسپتال کان اين آءِ سي ايڇ منتقل ڪرڻ دوران لاڏاڻو ڪري ويا، باقي ٻه ٻار ٻارن جي صحت بابت قومي اداري جي ايمرجنسي ۾ فوت ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.