هٿرادو ٻوڏ جي تباهي ۽ حڪومتي مهانگائي

گل سيوھاڻي

گذريل 75 سالن ۾ جيڪا وقت جي حڪمرانن عوام جي حالت ڪئي آھي ان ۾ سڀ کان وڏي بيماري عوام کي مھانگائيءَ  جي شڪل ۾ ملي آھي مھانگائي ھڪ اھڙو مانگر مڇ آھي جيڪو ھڪ ڌڪ سان عوام جي اميدن خواھشن کي ڳڙڪائي ڇڏيندو آھي ھونئن ته رياست جي 75 سالا ڄمار ۾ ڪافي ٻوڏون ۽ برساتون ۽ ٻيون آفتون مشڪلاتون آيون آھن انھن ۾ جيڪي 3 وڏيون ھٿرادو ٻوڏون آيون آھن جنھن ۾ 1976ع واري ماھا ٻوڏ جيڪا ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير رئيس غلام مصطفي خان جتوئي پنھنجي ان وقت جي ضلعي نواب شاھ کي بچائيندي اڳوڻي ضلي دادو ۽ ھاڻوڪي ضلعي ڄامشورو جي تعلقي سيوھڻ شريف جي يونين ڪائونسل ٽلٽيءَ  کان بچاء بند کي ھٿرادو ڪٽ ڏياري تعلقي سيوھڻ شريف کي ٻوڙايو ھيو جڏھن ته ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌو درياهه  اڳ ۾ ئي پنھنجي سنڌ جي ساڄي پاسي واري ساري علائقي کي ٻوڙي شھرن جا شھر ڳوٺن جا ڳوٺ تاريخي ماڳ مڪان درگاھون مسجدون ۽ ٻيا ھنڌ مٽائي ڇڏيا ھيا ان ۾ سڀ کان وڏو عوام جو نقصان ٿيو ھيو.

پر ان وقت پاڪستاني عوام جي اھيا خوشنصيبي ھئي جو ان وقت جو جيڪو ملڪ جو  مخلص عوام دوست وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ھيو جنھن ٻوڏ برسات متاثرين جي وڌ کان وڌ مدد ڪري کين ٻوڏ جي تڪليف کان بچايو ھيو ۽ عوام به ذوالفقار علي ڀٽو شھيد جي ان ڪارڪردگيءَ  مان تمام گھڻو مطمئن ھيو. ان وقت جي سٺي حڪمراني جي ڪري ايتري مھانگائي ڪانه ھئي جو چئجي ته 1976ع واري ٻوڏ عوام جي چيلھه چٻي ڪري وڌي ھئي،انکان پوءِ  ٻي وڏي پر ھٿرادو ٻوڏ سال 2010ع ۾ آئي جيڪا لاڙڪاڻي شڪارپور جي وچ واري علائقي ۾ سنڌوءَ جي بچاءَ بند کي ڪٽ ڏياري ڪشمور کان سيوھڻ شريف جو سارو علائقو ٻوڙايو ھيو ان مھا ٻوڏ ۾ به منڇر ڀاڱي ڀائيوار ھيو جيڪو زيرو پوائنٽ کان ھٿرادو ٽوڙي جوھي دادو ۽ سيوھڻ شريف تعلقي کي ٻوڙايو ويو .

سال 2010ع واري ماھا ٻوڏ ۽ موجوده سال 2022ع واري ماھا ٻوڏ ۾ ڪو خاص فرق ڪون پيو ڏسڻ ۾ اچي ھن ٻنھي ماھا ٻوڏن دوران صوبي سنڌ ۾ ھڪ ئي سياسي جماعت جي حڪومت رھي آھي بلڪي سال 2008 ع کان ھيل تائين ان 14 سالن ۾ ھڪ ئي سياسي جماعت جي حڪومت رھندي پئي اچي،سندن قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1976ع واري دور ۾ جيڪو سنڌو درياهه  جي بچاءُ بند کي ٽلٽيءَ  وٽان ڪٽ ڏياريو ويو ھيو اھو وڏين آبادين وارن شھرن کي بچائڻ لاءِ  ڏياريو ويو ھيو،نڪي ننڍين آبادين وارن ننڍن شھرن کي بچائڻ خار وڏين آبادين وارن شھرن کي ٻوڙائڻ لاءِ  ڪٽ ڏياريا ھيا،پر سال 2010ع ۽ سال2022ع وارن ٻنھي ماھا ٻوڏن ۾ جھڙو تھڙو شھر ۽ آبادي ڪار ڪندي ڀيڙ خميسا ڀيڙ واري ڪار ڪري پرڏيھي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ  ننڍا وڏا شھر واھڻ وستيون ٻوڙائي رڏيھي امداد حاصل ڪئي جيڪا عوام ۾ تقسيم ڪرڻ بدران اول پنھنجن نجي گدامن ۾ اھو امدادي سامان رکي عوام کي ڏيئڻ بدران ھڙپ ڪيو.

ھڪڙي پاسي سنڌ سرڪار جي 14 سالا ڪارڪردگيءَ  کي ڏسجي ٿو ته ڪروڙين اربين روپين جي ڪڻڪ گدامن ۾ ڪئا کايو ٿا وڃن پر عوام کي اٽو ھڪ سئو ويھ روپيا في ڪلو وڪرو ڪري ڏنو پيو وڃي. احتساب ڪونه پيو ٿئي، اھڙي طرح ترقياتي ڪمن لاءِ  رکيل بجيٽ به ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ بدران صرف ڪاغذن ۾ ڏيکاري. اھا بجيٽ به وڏو حصو ڌر ڌڻين لاءِ  ڪڍي باقي ھيٺ کان مٿي تائين ٺيڪيدار عملدار ايجنسيون ۽ صحافي ملي جلي ڪري کائي رھيا آھن ڏهن به احتساب ڪونه ٿو ٿئي لفافا خور صحافي عوام تائين سڀ ٺيڪ ٺاڪ ھلي پيو واريون خبرون ميڊيا سينٽرن تي پھچائي حڪومت جي ساک کي بچايو پيا اچن بس اھوئي سبب آھي ته اسڪولن ۾ استاد پڙھائڻ بدران گھر ويٺي پگھارون پيا کڻن اسڪول وڏيرن ڀوتارن جون اوطاون مال جا واڙا لڳا پيا آھن احتساب ڪونه پيو ٿئي،اسڪولن جي مرمت لاءِ  نڪتل ايس ايم سي جا ڏوڪڙ ۽ فرنيچر به وڏيرن ۽ ڀوتارن جي قبضي ۾ لڳو پيو آھي تڏهن احتساب ڪونه پيو ٿئي،ساڳي طرح صحت کاتي جو به برو حال آھي اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون نٿيون ملن ڊاڪٽر پنھنجون ڪلينڪون ۽ اسٽور کولي مسڪين مريضن جي ابتي کل پا لاھن تب احتساب ڪونه پيو ٿئي ھن ساري ڪرپشن ۾ انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري نه روز ڪٿي نه ڪٿي ڊاڪٽرن جي لاپرواھي ۽ دوائن جي اڻھوند جي ڪري ڪا نه ڪا قيمتي جان ضايع پئي ٿئي حڪومت وقت لاءِ  سڀ خير آھي. ٻيو ته ٺھيو رڳي ڇتي ڪتي ۽ نانگ جي ڏنگ جي بچاءُ واري ويڪسين اسپتالن ۾ موجود ھجي ڪافي قيمتي جانيون بي موت ضايه ٿيئڻ کان بچي پون مطلب حڪومت پاران صوبي اندر ڪا شئي ئي ڏسڻ ۾ نٿي اچي.

ھن وقت سال 2010 کان پوءِ  12 سالن بعد وري ھڪ ٻي ماھا ٻوڏ آئي آھي جنھن ڪشمور کان ڪيٽي بندر جي ساڄي کاٻي پاسي ڪچي پڪي جي علائقن کي سخت متاثر ڪيو آھي پر حڪومت نالي ڪا شئي ڪانھي ڇو جو اسان وٽ ٿر جي جھان خان کوسي جو مثال موجود آھي جنھن ۾ چيو ويندو آھي ته جھٽ به جھان خان ڪئي ۽ فيصلو به جھان خان ڪري تنھن جيان پورو صوبو سنڌ وقت جي حاڪمن ٻوڙايو آھي ۽ گھوڙا گھوڙا وري ٻوڏ متاثر عوام کان وڌيڪ وقت جا حاڪم ڪن پيا ته واھر ڪريو امداد ڏيو.

اسان جو پورو صوبو سخت متاثر ٿيو آھي. ٻوڏ متاثرين جي بھاني سان جيڪو پرڏيھي اربين کربين روپين جي امداد مليو آھي اھا ڪيڏانھن وئي ويچارو برسات ۽ ٻوڏ متاثر عوام جيڪو پنھنجي ابي ڏاڏي جا غريباڻان ڪک گھر ٻار جمع پونجي ان ڌن سڀ ڪجھه  ٻوڙائي سکڻن ھٿن تي ٻاھر نڪري بچاءُ بندن تي اچي ننگي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺو آھي ۽ امداد کاڌ خوراڪ اجھي ۽ ڇت لاءِ  وقت جي سرڪار کي پڪاري رھيو آھي احتجاج مظاھرا ڪري رھيو آھي انھن جي به وقت جي سرڪار مدد نه پئي ڪري ته پوءِ  سچ سمجھجھي ته وقت جي سرڪار سنڌو درياهه  جي بچاءُ بندن ۽ منڇر جي بندن کي ھٿرادو ڪٽ ڏئي سنڌ جا علائقا ٻوڙائي مانگر مڇ وارا ڳوڙھا ڳاڙي دنيا کي ڏيکاري عوام جي نالي تي امداد وٺي پاڻ ۾ ملي جلي کاڌو آھي جنھن لاءِ  افسوس ڪيو پيو وڃي ھن وقت ٻوڏ متاثرين جون دانھون پيون پون خدارا جيڪڏھن امداد نٿا ڏيو ته نه ڏيو خوراڪ نٿا ڏيو ته نه ڏيو دوائون نٿا ڏيو ته نه ڏيو مڇر دانيون ۽ تنبو نٿا ڏيو ته نه ڏيو پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ امن و امان نٿا ڏيو ته نه ڏيو روزگار نٿا ڏيو ته نه ڏيو مپر خدارا جيڪا ھٿرادو مھانگائي آھي ان تي ڪنٽرول ڪريو تڏهن به  ٻوڏ متاثر عوام خودڪشين ڪرڻ کان بچي پوندو ھڪڙي پاسي الھه تلھه سڀ ڪجھه  لڙھي ويو آھي ۽ ٻئي پاسي اٽو 120 روپيا ڪلو،گيهھ 700 روپيا ڪلو،بصر 100 روپيا ڪلو پٽاٽا 90 روپيه ڪلو ٽماٽا 400 روپيا ڪلو داليون 400 روپيا ڪلو وڪرو ٿينديون ته پوءِ  ٻوڏ متاثر غريب عوام ڪاڏي ويندو. ٻوڏ متاثر عوام جيڪو وقت جي حڪمرانن تي چڙيو ويٺو آھي عوام جو چوڻ آھي جھڙي طرح اسان جي ووٽ کي چوري ڪري اسان جي مخالف کي کٽرايو ويندو آھي اھو عمل ھاڻي کين نا منظور آھي. جيڪڏھن اسان جي ووٽ سان انصاف نٿا ڪري سگھو ته پوءِ  اوھان کي اقتداري ڪرسين تي ويھڻ جو حق به ڪونھي. اوھان سالن کان جيڪي ڪوڙي مينڊيٽ تي حڪمراني ڪندا پيا اچو اھي ايندڙ وقت ۾ ڳوليا به نه لڀندو. ھن وقت جيڪا سياسي صورتحال آھي اھا ماضيءَ  کان مختلف آھي ھن وقت عوام جي سھپ کان سور گھڻا ٿي ويا آھن. ھن وقت عوام تڪڙو رليف ٿو گھري. ھن وقت عوام کي اھا به خبر پئجي وئي آھي ته سندن ووٽ تي ڌاڙو ھڻن وارو سياستدان نه پر ڪو ٻيو طاقتور ادارو آھي جيڪڏھن عوام کي تڪڙو رليف نه مليو ته پوءِ  ان رليف کي حاصل ڪرڻ لاءِ  عوام وٽ ھڪڙو ئي رستو بچندو جيڪو روڊن تي اچي ڌرڻان ھڻي  ويھڻ وارو رستو ھوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.