پي ٽي آءِ ۽ مائينس ون فارمولي جون ڳالهيون

رياض ابڙو 

سياست تي اعتراض ناهي پر سياسي منافقين تي اعتراض ضرور رهندو آيو آ، رياستي سياست جي ڌارا ۽ عوام سان منافقي واري سياست ٻه الڳ الڳ شيون آهن ان ڪري سياستدان ڪڏهن به رياست سان ڪي اڳواٽ واعدا وچن ڪري ووٽ نه ٿو وٺي پر عوام جي اندر لهي انهن کي ڏٽا ڏئي سکڻا ۽ ٺلها آسرا ڏئي ووٽ ضرور ٿو وٺي، ان ڪري اهي سياستدان به ٻن طريقن جي منافقاڻي سياست ضرور ٿا ڪن يا ملاشاهي وانگي هو چون ڪجھه  ٿا ۽ ڪن ڪجھه  ٿا، ڪرسيءَ کان اڳ هڪڙي سياست ٿا ڪن ته ڪرسيءَ کانپوءِ ٻي سياست ٿا ڪن. سياسي چالاڪيون عوام سان هڪڙيون ٿا ڪن ته رياست سان ٻيون ٿا ڪن ۽ جڏهن ڪرسيءَ تي ويهن ٿا ته انهن کان عوامي سياست وسري ٿي وڃي. اهي سمجهن ٿا ته ڪرسي وٺڻ ۽ ڦٻائڻ جا فارمولا عوام جي سمجھه شريف ۾ نه ايندا، ڇو ته اهي ڏتڙيل طبقا ۽ بکايل انسان ايترا ته ستايل آهن جو انهن جي آڏو جي خيرات رکجي يا ورهائجي ته وڙهي پوندا پر پنهنجن حقن ماڻڻ لاءِ ڪڏهن به عَلَم بلند نه ڪندا ڪڏهن آواز نه اٿاريندا، ان ڪري بنيادي طور تي عوام ۾ شعور ۽ آگهي جو هجڻ شرط آ عوام جيستائين انهن ڪوڙن سياستدان جي هشي تي آيو رهندو يا هلندو رهندو تيستائين اهي پنهنجي بنيادي زندگي ڪڏهن به تبديل ڪري نه سگهندا ۽ سياستدان اهو به سمجهن ٿا ته عوام انهن جي ڏٽي ۽ آسري تي دنيا جا سڀ ڪم ڪاريون ۽ ڌنڌا ڇڏي رڳو انهن جي لينڊ ڪروزر جي پويان ڀڄڻ ۾ ئي آفيت سمجهن ٿا ڇو ته اهڙي فرسوده سياست آهي ئي معاشرتي ثواب، ان ڪري عوام به ائين ئي ڊوڙندو رهندو ۽ اهي ٺڳ سياستدان به ائين ئي سياست ڪندا رهندا ائين انهن جي سياست جا دوڪان به هلندا رهندا.

ان سڄي تت ۽ تمهيد ٻڌڻ جو مقصد رڳو اهو هيو ته اسان وٽ سياستدانن جي هٺ ڌرمي وڃي ئي نه ٿي، کڻي ٻين ۾ هجي به پر گھڻي ۾ گھڻي وڏائي، ضد، انا، ڪروڌ، ڦوشر، سياسي مڳي، نڪ جي پڪائي، بي شرمي، سياسي بيهودگي ۽ هروڀرو جي ڪاوڙ جيتري پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۾ آ شايد ئي تاريخ ۾ ڪنهن پارٽي يا ڪنهن سياستدان وٽ هجي، ان ڪري هيل تائين نه عمران خان ڪنهن ڪورٽ جي فيصلي کي من عن قبولي ٿو، نه چونڊن جي نتيجن کي مڃي ٿو، نه پنهنجي خلاف ايندڙ بي اعتمادي جي رٿ کي مڃي ٿو، نه ڪنهن طرح عسڪري شخصن کي مڃي ٿو، نه ئي ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان گڏ ويهڻ جي لاءِ تيار آ، نه ڪنهن سان ڪا مفاهمتي پاليسي هلائڻ جي ارادي ۽ نيت ۾ رهي ٿو، پر عمران خان ته پنهنجي انا واري سياست ۽ ضد واري کول ۾ قيد آ جنهن کي رڳو پنهنجي هوڏ واري سياست نظر ٿي اچي ۽ ڪنهن به مفاهمتي سياست واري ڳالھه  ۾ نه ٿو اچي (۽ ئي ايندو) يا رهندو ڪندو ججن، وڪيلن ۽ ڪورٽن کي به نه ٿو ڇڏي ان ڪري جو هن شخص ۾ ڪنهن به طرح سياسي ميچوئرٽي ناهي آئي، هن شخص ۾ سياسي اسپرٽ صفا ناهي ان ڪري جو هن شخص جي سياسي اسپرٽ کي گيم اسپرٽ سان به ڀيٽي سگهون ٿا ته راند ۾ جيتَ ۽ هارَ ٿيندي رهندي آ ان ڪري ڪرسي به واري ڦيري جي گيم آ ان ڪري جي ڪنهن به اڳواڻ يا ٺلهي سياستدان ۾ جي ڪجھه  سياسي غيرت هجي ته اهو ”نايڪ“ فلم وانگي هڪ ڪلاڪ سڀ ڪم سڌا ڪري سگهي ٿو .

غلامي واري ڳالھه  ۾ ڪجھه  رکيل ناهي ان ڪري ڪري ته شين جي ”بارٽرنگ“ مٽاسٽا، ڏي وٺ، سروسز جي ڏي وٺ، پئسي ڏوڪڙ جي ڏي وٺ سڄي دنيا ۾ هلي ٿي پئي هر ملڪ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ پورو آ ۽ سڀ ملڪ پاڻ ڀرا آهن ان ڪري عمران خان جو سڄو ڏينهن غلامي غلامي ڪرڻ، غلامي کان آجي ڪرڻ وارا نعرا، آزاد رياست کي آزاد ڪرائڻ واري دعوي، آزاد هوندي به حقيقي آزاديءَ جا خواب سجائڻ يا سڄو ڏينهن آرمي جي شخصن منافري ڪرڻ يا اليڪشن ڪميشن جي ڳالهين ۽ پاليسين کي نه مڃڻ يا ڳالھه  تي هروڀرو ضد ۽ هوڏ ڏئي بيهي رهڻ جهڙيون ڳالهيون ڪنهن به طرح ڪنهن ميچوئرٽي ظاهر نه ٿيون ڪن، ڪنهن به مرڪزيت پسند سياستدان کي زيب نه ٿيون ڏين ته هو اهڙي بيڪار سياست ڪري، ان ڪري سياست کي پازيٽو ٿي ڏسجي.

اها ڳالھه  به مڃون ٿا ته سڀ سياستدان عسڪري آشرواد سان ڪرسي ماڻين به ٿا سڀ عسڪري شخصن کي وري نشانو به بڻائن ٿا پر اهي سياستدان کڻي وقتي ضد بحث مباحثا ڪري وري چپ ٿي ٿا وڃن ۽ وقت سر اهي انهن نفرتن ۽ سياسي ضدن مان وري نڪري به وڃن ٿا يا ان کانپوءِ سياست بهتر به ڪري ٿا وٺن، پوءِ ڀلي اهو زرداري هجي يا نواز شريف جا سڀ ٻيا سڀ اهڙا اڳواڻ به، ان ڪري عمران خان جي اها ڳالھه  هاڻي ڪنهن کان برداشت ناهي ته هو سڄو ڏينهن آرمي جي شخصن کي نشانو بڻائي يا سڄو ڏينهن ججن ۽ وڪيلن کي نشانو بڻائي يا سڄو ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي گھٽ وڌ ڳالهائي، ادارن سان دشمنيون وجھي ۽ فورن پوءِ وري عوام جي عدالت ۾ اچي اهو چئي ته مون سڀ ڪجھه  صحيح ڪيو آ، مان چاهيان ٿو ته چيف جسٽس به منهنجي مرضي جو هجي، مان چاهيان ٿو ته الڪيشن ڪميشن جا نمائندا به منهنجي مرضي جا هجن، سينيٽ چيئرمين به منهنجي مرضي جو هجي هر نمائندو هن جي ڳالھه  ٻُڌي سڀني ادارن جي نمائندن کي هي مقرر ڪري يا ڪرائي اهي پوءِ اهي به هن جي ٻولي ڳالهائن ۽ جيئن هي چئي هو تيئن ڪن، پر اهو سڀ ممڪن ناهي ان ڪري ته شين جي هن جي چوڻ سان ٿي نه پونديون.

جيتريون ٺڳيون ۽ ڇسا آسرا عمران خان قوم کي ڏنا اوتر ڪڏهن زرداري ۽ نواز به نه ڏنا هوندا يا اهڙن بيڪار نعرن جي پويان عوام کي انهن ڪڏهن ڊوڙايو به هوندو، ڪڏهن ڪوشش به نه ڪئي هوندائون پر هي هردفعي عوام کي اهڙن بيڪار نعرن جي پٺيان ڊوڙائي ٿو جنهن ۾ ڪجھه  هڙحاصل به ناهي، ڪجھه  ملندو به نه يا هڪ ٻي ڳالھه  به قابل غور آهي ته هن جي جلسن ۾ سدائين هڪ ئي نريٽو (بيان) هوندو آ ته غلامي کان نجات، آزادي يا حقيقي آزادي يا چورچور، ان ڪري جڏهن هن کي ساڍا ٽي سال مليا ته هن ڇا ڪيو، هن وٽ جڏهن پاور هيو ته هن ڇا ڪيو يا هن وٽ جڏهن مينڊيٽ هيو ته هن ڇا ڪيو يا هن وٽ جڏهن پارليامينٽ، سينيٽ، عسڪري ادارا، عوام ۽ سڀ ڪجھه  هيو ته هن ڇا ڪيو پر هاڻي ته هي پنهنجي سڀ ساک وڃائي ويٺو آ هاڻي هن وٽ رڳو اهي جلسا وڃي بچيا آهن جنهن جي آڌار تي هي چئي سگهي ٿو ته هي ڪنهن ڪورٽ کي نه ٿو مڃي، هي ڪنهن قانون کي نه ٿو مڃي، هي فارين فنڊنگ ۾ ڳالهايل ڪوڙبدوڙ نه ٿو مڃي يا هي عسڪري ادارن کي نه ٿو مڃي، هي اليڪشن ڪميشن کي نه ٿو مڃي هي ڪنهن سياستدان کي نه ٿو مڃي يا هاڻي هي ”جي آءِ ٽي“ جي آڏو پيش به نه ٿيندو جنهن ۾ هن تي 22 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو آ، آرمي چيف هروڀرو هن جي مرضي جو ڇو هجي؟ جڏهن هن کي سياست ۽ رياستي معاملا سمجھ ۾ نه آيا ۽ اچن ئي نه ٿا تڏهن هن کي به نابري وارڻ گهرجي ته شيون هن جي سمجهھ کان مٿي آهن يا هي ڪنهن ڪم جو ناهي جنهن کي رڳو ڪرڪيٽ سمجھ ۾ ايندي آ باقي سياست هن جي وس جي ڳالھه  ناهي.

ان ڪري اها ڳالھه  به عالم آشڪار آ ته رياست وٽ هزار هٿڪنڊا هوندا آهن جنهن تحت اهي مائينس ون ڪرڻ دير نه ٿا ڪن. ان ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿيون جن جا اڳواڻ تاريخ جي صفحن تان غائب ٿي ويا جن جي لاءِ به اهو هوندو هيو ته اهي ڪڏهن به مائينس ون نه ٿيندا ان ڪري هڪڙو مثال ته نوازشريف جو وٺون ته جڏهن رياست ان مان تنگ ٿي تڏهن پاناماليڪس جو بهانو جڙي آيو ۽ هن کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏين يا ايم ڪيو ايم جو لنڊن وارو جو رياستي بغاوت ۾ ٻه قدم اڳتي نڪري ويو تڏهن رياست پاور هڻي خوارخراب ڪري مٽائي ڇڏيس ان ڪري ڳالھين،  ضدن ۽ سياسي مڳين جون به ڪي حدون هونديون آهن جنهن کي اورانگھڻ پاڻ کي کڏ ۾ اڇلائڻ جي برابر هوندو آ جنهن ۾ عمران خان جي نااهلي اڻٽر ٿي ٿئي، ان ڪري ته ڪو به ادارو ناهي رهيو جنهن سان هن نه ڦٽايو هجي ان ڪري ڪجھه  سياستون پنهنجي موت پاڻ مري وينديون آهن جن ۾ ممڪن آ ته هي به سڀاڻي شمار ڪجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.