ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 23 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو اعلان، ننڍي چونڊ 16 آڪٽوبر تي ٿيندي

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ اندر مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 23 آڪٽوبر تي ڪرائڻ ۽ ملڪ اندر تي قومي اسيمبلي جي 8 سيٽن تي ننڍي چونڊ 16 آڪٽوبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن 28 هين آگسٽ تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون هيون ۽ هاڻ نئين تاريخ جو اعلان ڪيو آهي.اليڪشن موجب ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 23 هين آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪئي ويندي.اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني چونڊن ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي ننڍي چونڊ جي حوالي سان ويچاريو ويو.اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 8تڪن تي ننڍي چونڊ جي به تاريخ تبديل ڪئي آهي، هاڻ 8 ئي تڪن تي پولنگ 9 آڪٽوبر بدران 16 آڪٽوبر تي ٿيندي. انهن تڪن ۾ اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسدا ، اين اي 31 پشاور، اين اي 45 ڪرم، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانا صاحب، اين اي 237  ملير ۽ اين اي 239 ڪورنگي شامل آهن.  .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.