ملڪ ۾ پيناڊول گوري ناياب، ذخيره اندوزي، ڪمپني پيداوار گهٽائي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ دوائن جي شعبي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن تصديق ڪئي آهي ته هن وقت مارڪيٽ ۾ پيناڊول جي کوٽ آهي ۽ ان جي قيمت به وڌيڪ آهي.

هول سيل ۾ ڪم ڪندڙ عارف بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته هن وقت اها دوا وافر مقدار ۾ نه پئي ملي ۽ جيڪا ملي رهي آهي اها به مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي، هن ٻڌايو ته ڪجهه هفتا اڳ پيناڊول جي 100 گورين جو هڪ پيڪيٽ 350 رپين ۾ ملندو هو پوءِ ان جو اگه 500 رپيا ٿيو جيڪو وڌي 700 رپيا هاڻي اهو هڪ هزار رپين ۾ ميسر آهي، هن چيو ته هاڻي کين ڊسٽري بيوٽر پاران پنج ڊٻن کان وڌيڪ نٿا ملن، هن چيو ته ڪراچي کان علاوه بلوچستان جي ڪجهه شهرن ۾ به هول سيل تي ان جي طلب تمام گهڻي وڌي وئي آهي،ميانوالي ۾ ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر خان زمان چيو ته ڪافي ڏينهن کان پيناڊول نه پئي ملي، سپلائر سان ڳالهايون ٿا ته هو چون ٿا ته ان جي سپلاءِ رڪيل آهي، ملڪ ۾ پيناڊول جي طلب ۾ اضافي بابت صحت ماهرن ۽ ان شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن مطابق ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ ان جي طلب ۾ گهڻو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين منصور دلاور بي بي سي کي تصديق ڪئي ته اها گوري کوٽ جو شڪار آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته ان ۾ استعمال ٿيندڙ سالٽ جي درآمد جي قيمت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جيڪو سالٽ 600 رپيا ڪلو ۾ ملندو هو اهو هاڻي 2400رپيا ڪلو ۾ ملي ٿو، هن چيو ته قيمت وڌائڻ جي درخواست باوجود حڪومت اگهه نه وڌايو، جنهن سان ڪمپني کي نقصان ٿي رهيو هو، انهن ان جي پيداوار تمام گهڻي گهٽ ڪري ڇڏي آهي،پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ملٽي نيشنل فارماسوٽيڪل ڪمپنين جي نمائنده تنظيم فارما بيورو جي ترجمان عائشه ٽمي بي بي سي نيوز کي ٻڌايو ته پيناڊول پاڪستان ۾ هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني بڻائيندي آهي، اها ان گوري جي پيدوار ڪري رهي آهي، هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اها ڪمپني ان گوري جي پيداوارگهڻو گهٽ بڻائي رهي آهي، هن چيو ته گهڻي عرصي کان پيداوار ۽ وڪري ۾ خسارو آهي، وفاقي ڪابينا دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ناهي ڏني، هن چيو ته رڳو پيناڊول جي قلت ناهي، ٻيون دوائون به گهٽ پيداوار ٿي رهيون آهن، پيناڊول ان ڪري وڌيڪ بحث هيٺ آهي ڇو ته ان جو استعمال تمام گهڻو آهي، ڊينگي ڪيسن ۾ واڌ سبب ان جو استعمال وڌي ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ 150 ڪمپنين وٽ پيناڊول بڻائڻ جو لائسنس آهي پر رڳو هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني اها تيار ڪندي آهي، ڊريپ ڪڏهن به انهن ڪمپنين کان پڇا نه ڪئي ته هڪ ڪمپني کان علاوه ٻيون ڪمپنيون پيناڊول تيار ڇو نٿيون ڪن ٻئي پاسي صحت وزارت جي ترجمان چيو ته وزير صاحب جو اهو ئي موقف آهي جيڪو هن پريس ڪانفرنس ۾ ڏنو هو، سوشل ميڊيا تي پيناڊول جي غائب ٿيڻ کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي هن ان جي غائب ٿيڻ جي ترديد ڪئي، هن چيو ته ملڪ ۾ وسيع پئماني تي پيراسٽامول جي مختلف برانڊز جي پراڊڪشن جاري آهي، صحت واري وزارت۽ ڊريپ صورتحال جي مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيون آهن، ترجمان چيو ته غلط اطلاع ڦهلائڻ جو مقصد رڳو معصوم جانين سان کيڏڻ ۽ ذخيره اندوزن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.