ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺڻ لڳو، بچن لاءِ اٽو نه وٺي سگهڻ تي ٻوڏ متاثر پاڻ ماري ڇڏيو

شھدادڪوٽ (ع آ نيوز ) شھدادڪوٽ ويجهو ٻوڏ متاثر چئن معصوم ٻارن جي پيءَ بک ۽ بدحالي سبب آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ شھيد غلام حيدر مگسي جي رھواسي 40 ورھين جي شاھه بيگ کوسي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو. سندس گهرواري روئندي ٻڌايو ته گھر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نه ھيو، جنهن ڪري مان پنهنجي مڙس کي چيو ته اٽو وٺي اچ ته ٻارن کي ماني پچائي ڏيان، اهو چوڻ تي هن پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو. هن چيو ته برساتي ٻوڏ جي ڪري سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، رڳو سر بچائي اچي زميندار جي اوطاق ۾ پناهه ورتي پر بک بدحالي ور به کسي ورتو. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.