مهانگائي سبب ستايل عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت وٽ مهانگائي ۾ سبب پريشان عوام وٽ ڪو رليف ناهي، گئس ٽيرف ۾ 45 سيڪڙو کان 53 سيڪڙو تائين واڌ جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب سياري کان اڳ ئي گئس ٽيرف ۾ واڌ واري معاملي تي حڪومت عالمي مالياتي فنڊ کان مهلت گهري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس ٽيرف ۾ واڌ سان 786 ارب رپين جي وصولي جو امڪان آهن.

آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته ننڍن واهپيدارن تي گهٽ ۾ گهٽ دٻاءُ وڌو وڃي.

ذريعن موجب اوگرا ايڪٽ ۾ ترميمن موجب نون گئس اگهن جو تعين ٿيندو، گئس ٽيرف جي نئين سر تعين لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.