وڏي وزير جي خلاف ڪا به سازش نه پئي ٿي: امتياز شيخ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته  قمبر، شڪارپور، سيوھڻ سميت سمورا شھر ۽ ڳوٺ پاڻي  هيٺ آهن، منڇر ۽ ايل بي او ڊي ذريعي پاڻي نڪري پيو، قدرتي لنگهه بحال نه ڪيا ته اهڙيون تباهيون ٿينديون رهنديون، پاڻي جي نيڪال بعد متاثرن کي گهر ٺاهي ڏينداسين کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، اهڙو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، صوبائي وزير امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته وڏي وزير جي خلاف ڪا به سازش نه پئي ٿي، سي ايم اسانجو ڪپتان آھي انھي سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي مھم ھلائي پئي وڃي، هن چيو ته  عمران نيازي اقتدار جو مزو چکيو آھي هو اڄ به ساڳيو خواب ڏسي رهيو آهي، سندس ڳالهين کي اهميت نه ڏني وڃي، آرمي چيف جي چونڊ جو طريقو آئين ۾ موجود آهي، آرمي چيف جي مقرري ڪنھن جي خواهشن تي نه ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.