آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ناهي ڪئي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ڪئي، آرمي چيف جي مقرري نين چونڊن تائين ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.عمران خان بني گالا ۾ صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته سيپٽمبر ۾ حڪومت خلاف سڏ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، احتجاج جو سڏ گهڻو پري ناهي هن ئي مهيني ڏيندس.هن چيو ته مان ڪڏهن ناهي چيو آرمي چيف فلاڻو هجي پر سدائين چيو ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، نئين حڪومت نئين آرمي چيف جو فيصلو ڪري، چيف جسٽس جي مقرري به ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي.سندس موجب اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي هئي، جنهن تي آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪيو، ٻن خاندانن کي ڪڏهن به آرمي چيف جو نالو سليڪٽ نه ڪرڻ گهرجي.نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان عمران خان چيو ته نواز شريف جڏهن پاڪستان ايندو ته سندس تاريخي آجيان ڪندس.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستان جو نه ن ليگ جو آهي، مائنس ون فارمولو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهن کي خبر آهي ته عمران خان جي هوندي ميچ نٿا کٽي سگهون.پنهنجي گرفتاري بابت هن چيو ته جڏهن منهنجي گرفتاري جون ڳالهيون ڪيون ويون ته مان پنهنجو ٿيلهو تيار ڪري ورتوهو، ٿيلهي ۾ ڪتاب رکيا هئا ته جيئن جيل ۾ مطالعو ڪندو رهان.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاڻ چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪمزور ترين حڪومت آهي، هن چيو ته اسان وٽ صوبن ۾ حڪومت آهي پر بُوٽ ناهي، پٺيان کان بُوٽ نه لڳن ته ڪم نٿو ٿئي، چيف جسٽس جي مقرري به ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ڳجهين ايجنسين جو معلومات گڏ ڪرڻ جو نظام درست ناهي، اهي ته سروي ڪري ويٺا هئا ته ماڻهو مهانگائي کان تنگ آهن پر عوام پي ٽي آءِ حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ روڊن تي نڪري آيو، هن چيو ته جلد رجيم چينج آپريشن ۾ شامل ماڻهن جا نالا عام ڪندس، جيڪو ادارو ملڪي مفادن سان گڏ بيٺو آهي ان سان گڏ بيٺل رهندس،

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت عمران خان جي تجويز رد ڪري  ڇڏي، بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي بحث وقت کان اڳ آهي.بچاءُ واري وزير خواجا آصف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي هوس ۾ ايترو ڪري چڪو آهي جو آرمي چيف جي مقرري واري معاملي کي چونڊ ۽ سياست سان جوڙي رهيو آهي.خواجا آصف چيو ته موجودا حڪومت ان ذميواري بابت مقرر وقت تي آئين ۽ اداري جي بهترين روايتن کي ڌيان ۾ رکندي فيصلو ڪندي، اهم قومي فيصلا سياسي مفادن سان مشروط ناهن هوندا.ان کان اڳ خانگي ٽي وي چئنل سان گفتگو دوران ان تجويز تي ردعمل ڏيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان آرمي چيف جي مقرري وارو عمل سوچيل سمجهيل منصوبو تحت تڪراري بڻائي رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.