ڪوٽڙي وٽان سنڌوءَ ۾ وڌيڪ 13 هزار ڪيوسڪ جي لاٿ

ٺٽو(ڊر) سنڌو درياء جي وهڪرن ۾ تيزي سان لاٿ جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مٿيون وھڪرو 5 لک  74 ھزار ۽ ھيٺيون وھڪرو 5 لک 55 ھزار تي پھچي ويو آھي، ٺٽو سجاول دولھ درياء خان پل تي پاڻي جو گيج 38.5 رڪارڊ ڪيو ويو آھي، ڪوٽري وٽان سنڌو درياء جي مٿانهين ۽ هيٺانهين وهڪرن ۾ وڌيڪ 13 هزار ڪيوسڪس جي لاٿ اچي ويئي آھي، ڊائون اسٽريم ۾ وهڪرا گهٽجي 5 لک 55 هزار ڪيوسڪس تي پهچي ويا آھن، جڏھن ته سمنڊ به تيزي سان پاڻي کڻڻ لڳو آھي، جنھن ڪري رھواسين ۾ پکڙيل خوف آھستي، آھستي گھٽجي رھيو آھي. ٺٽي سجاول جي حدن اندر سنڌو درياء جي وهڪرن ۾ تيزي سان لاٿ بعد پاڻي بچاء بندن تان به گھٽجڻ شروع ٿي ويو آھي، عجيب ڳالھ اھا آھي ته قدرت ۽ فطرت جو قانون جڏهن حرڪت ۾ آيو ته گڊو کان ڪيٽي بندر تائين هڪئي ڌڪ سان درياءَ بادشاھ طاقتورن کان ڪچي جا قبضا ڇڏرائي کين بيوس بڻائي ڇڏيو آھي، جڏھن ته ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ زور لڳائي بيٺا پر ٻيلي کاتي جي ڪچي جي زمينن تي ٿيل غيرقانوني قبضا اوترا ختم ڪرائي نه سگھي، جيترا قبضا درياء بادشاھ موج ۾ اچي بنا ڪنھن معاوضي توڙي نقصان جي ختم ڪرائي ڇڏيا آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.