پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي سان سياسي استحڪام ايندو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف پنجاب ۾ سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي ڪوششن بابت رپورٽن جي  تصديق ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي سان موجوده حالتن ۾ سياسي استحڪام ايندو، ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان وٽ پنجاب ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، نئين آرمي چيف جي مقرري بابت هن چيو ته اهو وزيراعظم شهبازشريف جو استحقاق آهي، ان معاملي تي اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، ان حوالي سان ادارن سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ نئين آرمي چيف لاءِ سفارش ڪيل آفيسرن جا نالا به موڪليا ويندا، پر ان معاملي تي اڃا تائين ڪا به مشاورت ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته اڃا نوازشريف وطن واپس نه پيو اچي، حالتون ٺيڪ ٿينديون ته وطن واپس ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.