خيرپور ناٿن شاهه ۾ پاڻي نه لٿو، ٻه ڄڻا فوت

خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ: آزاد بخاري) خيرپورناٿن شاه ۾ ٻن هفتن کان مسلسل پاڻي بيهڻ جي ڪري پاڻي بدبودار ٿي ويو جنهن جي ڪري  صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ لڳي ايف پي بند ، ايم اين وي ڊرين سپريو خدا واه ۽ ناراڊسٽري کي لڳل گهارا سنڌ حڪومت بند نه ڪرائي سگهي تاريخي شهر خيرپورناٿن شاه ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳو مسلسل پاڻي بيهڻ جي نتيجي ۾ هر روز گهر ڊهڻ لڳا عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي شهر توڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو بک اڃ بيمارين ۾ هر روز مرڻ لڳا ڳوٺ چوٻار جي رهواسي ساجد علي گاڏهي جي گهر واري 30 ورهين جي مسمات رابيل بلڊ پريشر گهٽجي وڃڻ سبب فوت ٿي وئي جڏهن ته ڳوٺ قومي چارو سامهون نامعلوم شخص جو لاش پاڻي پيل آهي. لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين پاڻي ۾ پيل رهيو لاش ڪڍڻ لاء ڪابه ريسڪيو ٽيم نه پهتي آهي، ڳوٺاڻن خيرپورناٿن شاھ پوليس کي اطلاع ڏنو پر خيرپورناٿن شاھ پوليس ۽ ٻورڙي ٿاڻي جي پوليس حد جي تڪرار سبب لاش کي ٻاهر ڪڍڻ لاء تيار ناهي لاش آخري اطلاع تائين پاڻي ۾ پيل رهيو جڏهن ته خيرپورناٿن شاه ۾ سمورا قبرستان پاڻي هيٺ هجڻ سبب ماڻهن کي پنهنجن پيارن جا لاش دفنائيڻ ۾ سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته پ پ جي مقامي اڳواڻن سميت ضلعي ۽ تعلقي انتظاميا عوام کي ڪو به رليف پهچائي نه سگهيا علائقي مان مسلسل غائب آهن جڏهن ته شهري توڙي ڳوٺاڻا گدلو پاڻي پيئڻ تي مجنور ٿي ويا آهن جڏهن ته مليريا ۾ وڏي انگ ۾ مرد عورتون معصوم ٻارڙا وٺجي ويا آهن شهري اتحاد جي چئرمين حافظ محمد امين جمالي چيف جسٽس کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته شهر ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي کاڌ خوراڪ پيئڻ جو صاف پاڻي صحت جون سهولتون ڏئي ماڻهن کي مرڻ کان بچائي شهر مان پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرڻ لاء نوٽيس ورتو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.