لاڙڪاڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نيو بس اسٽينڊ لڳ نيو فيصل ڪالوني واسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رهواسين گلشير کھاوڙ، حاجي خان محمد کھاوڙ، سعيد ميراڻي، علي جان جاگيراڻي، فاروق ميراڻي، پپن بلوچ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 4 هفتن کان اسان جي علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي ٿي سگهيو جيڪو پاڻي گهرن اندر بيٺل آهي جنهن ڪري اسين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته ضلعي انتظاميه توڙي پي پي پي اڳواڻن طرفان رواجي طريقي سان ڪيترن ئي ڪالونين مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو آهي پر اسان جي نيو فيصل ڪالوني جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو جنهن ڪري اسان جي ڪالونين ۾ بيٺل پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو ۽ جڳهون ڪمزور ٿي ويون آهن. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته فوري نوٽيس وٺي ڪالوني مان پاڻي نيڪال ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.