محرابپور ۾ برسات بعد گهر ڊهي پيا، سامان مهانگو ٿي ويو

محرابپور (ن ع آ ) محرابپور ۽ پسگردائي جي علائقن ۾ تازين طوفاني برساتن جي تباھ ڪارين کانپوءِ بي گهر ٿيل هزارين متاثرين لاءِ اجهو  ٺاھڻ مشڪل ٿي ويو تعميراتي مٽيريل جي ڳاٽي ٽوڙ اگهن متاثرين جي اهنجن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آھي، ان ڏس ۾ واپارين ڊيلرن دڪاندارن پاران لوھ سيمينٽ، سريو ،ڳاڙھي، ڪاري واري سرون مٽي سميت تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل جي اگهن ۾ اچانڪ اضافو، برسات متاثرين جا سور ئي ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن، ھٿرادو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب غريب بي گهر ٿيل متاثرين لاءِ ٻيهر اجهو ٺاھڻ مرمت ڪرائڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آھي تازين طوفاني برساتن سبب محرابپور ۽ پسگردائي جي علائقن ۾ سوين جڳهون ڪري پٽ ٿي ويون ۽ ڪيترن ئي جڳهن کي نقصان پهتو آھي ٻئي پاسي هتان جي سماجي اڳواڻن شھرين ڳوٺاڻن دريا خان سومراھ ،آفتاب چاچڙ، ضمير ميمڻ، ڪاشف شيخ ۽ ٻين چيو آھي ته طوفاني برساتن سبب گهر دڪان زمينون فصل تباھ ٿي ويا آھن ، ماڻهن جا گهر ناهن رهيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.