نوري آباد لڳ عورت فوت، مڙهه دفنائڻ ويندڙن جي سوزڪي ڪلٽي، 8 ڄڻا زخمي

جھمپير ( ن ع آ) جھمپير نوري آباد روڊ لڳ شفيع محمد پالاري موڙ وٽ ڳوٺ علو جاکرو جي رھواسي پورھيت اڪبر جاکرو جي گھر واري فوت ٿي ويئي، جنھن جو لاش سندس وارث سوزوڪي ۾ کڻي سونڊا جي قبرستان ۾ دفنائڻ لاء ويندي تازو پيل برساتن بعد روڊ ۾ پيل کڏن توڙي روڊ جا ڪنارا ختم ٿي وڃڻ ڪري سوزوڪي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار ڳوٺ گھنور خان جاکرو جا رھواسي 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ خدابخش جاکرو، گلاب، اسحاق، علي خان، پوڙھو، سوزوڪي ڊرائيور سڪڻو جاکرو ۽ ٻيا شامل آھن، جن مان سوزوڪي ڊرائيور سڪڻو جاکرو کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪرڻ سميت ٻين سمورن زخمين کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته فوتي عورت جو لاش ٻيا ڳوٺاڻا گھرائي انھن ھٿان فوتي عورت جو لاش سونڊا قبرستان ڏانھن موڪليو ويو. زخمي ٿيلن مان ڪجھ زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.