عمران خان جون غلطيون ۽ غلط فهميون

تحرير: خالد سعيد

عمران خان جي عجيب سياست آھي،لکين ماڻهن کي گڏ ڪرڻ وارو شخص هميشه ھڪ خوف ۾ ورتل هيو آھي ۽ پنهنجي ووٽ بئنڪ تي ڀاڙڻ بجاءِ  رڙويون ڪري فوج کان مدد گهرندو رھيو آهي. خان صاحب  چئي ٿو تھ ليفٽيننٽ جنرل ميرٽ تي هئڻ گھرجي ۽ ڪنھن جي پسند جو نھ ھئڻ گھرجي پر جڏھن ھو اھو الزام ھڻي ٿو تھ نوازشريف ۽ آصف زرداري پنھنجي پسند جو آرمي چيف آڻڻ چاھين ٿا تھ جئين انھن کي پنھنجي مبينھ ڪيسن کي منهن نه ڏيڻو پوي. تھ ھو اھاحقيقت مسخ ڪري ٿو.

اصل ۾ سندس چوڻ جو مقصد اھو ھوندو آھي تھ نئين آرمي چيف  جي دل ۾ پي ٽي آءِ، جي  لاءِ نرم رويو ھئڻ گهرجي، پر هو کليل نموني ائين نه ٿو چوي تھ کيس ٻيهر وزيراعظم بڻجڻ لاءِ فوج جي حمايت گھرجي.

فوج سندس جيترو ساٿ ڏنو سو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو به سياسي اڳواڻ ايتري ساٿ ڏيڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي.جڏهن هو وزيراعظم هو ته بار بار چوندو  رهيو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، فوج سندس هر  مشڪل آسان ڪئي.ڪڏھن اشاري ۽ اک سان ۽ ڪڏهن ڪڏهن سخت لهجي سان، ھن جي مخالفن کي دٻائي رکيو،پر انهن کي ڄاڻڻ گهرجي ها تھ ساٿ ڏيڻ جي لاءِ  فوج جون به پنهنجون حدون آهن، ڪنهن کي پسند اچي يا پسند نھ اچي يا نه، پر سچ اهو آهي ته فوج ڪڏهن به پنھنجي سوچ جي دائري کان ٻاھر نھ ويندي آھي..

ڇا اها حقيقت، خان جي علم ۾نھ آھي تھ ماضيءَ ۾ وزير اعظمن ان عهدي تي مقرري لاءِ اميدوارن کان سينيارٽي ۽ ميرٽ کان علاوھ بھ گھڻي ڪجھھ جي توقع ڪئي ھئي، پر شايد ئي ڪنهن جي به اها اميد پوري ٿي سگهي ھجي،حقيقت ھي آھي تھ  مقرري کانپوءِ آرمي چيف خود ئي پنھنجي عھدي جو محور بڻجي وڃي ٿو.

ادارتي نظم و ضبط آرمي چيف کي ڪيترن ئي معاملن ۾ پابند ڪري ڇڏيندو آھي، تنھنڪري ان ڳالھه تي حيرت نه ٿيڻ گهرجي ته فوج جو  ڪو به آرمي چيف انھن اميدن تي پورو نه لهي سگهيو جيڪي کيس مقرر ڪرڻ وارن هن ۾ رکيون ھيون.

جڏھن عمران خان جنرل باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي هئي تھ سندس خيال هو ته حالتن ۾ ڪا به تبديليءَ سندن رومانس تي اثر نه وجھندي، پر فوج جي پاليسين جو تعين بدلجندڙ حالتون ڪنديون آهن.

آخرڪار جنرل ضياءَ کي به ذوالفقار علي ڀٽي ئي مقرر ڪيو هو، ھڪ ڀيري  ڀٽي کان ان مقرري جو سبب پڇيو ويو ھو ته هن جواب ۾ چيو ھو تھ ضياءَ تمام گھڻو تابعدار  جنرل آھي ۽ پوءِ ان ئي تابعدار جنرل کيس ڦاھي تي ٽنگي ڇڏيو.نواز شريف گھڻي سوچ ويچار ڪري پرويز مشرف کي آرمي چيف بڻايو ھو ۽ ان ئي جنرل سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ضياءَ کان پوءِ جيڪي به فوجي سربراھ آيا ھئا، اهي مسلم ليگ (ن) يا پيپلز پارٽيءَ جا مقرر ڪيل ھئا، هاڻي جيڪڏهن خان صاحب اھو چاهي ٿو ته جنرل راحيل شريف جهڙو فوجي آفيسر آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي تھ اھو ممڪن ناهي. جنرل راحيل شريف ڌرڻي دوران عمران خان جي مدد ڪئي هئي.

نئين فوجي سربراھ جي مقرري جي حوالي سان عمران خان جي دل جي خواهش اڀري رھي آھي ۽ ھو ان کي زبان تي آڻڻ کان گھٻرائي ٿو، ھو چاھي ٿو تھ ڪو اھڙو پشھ وري سپاھي ھن عھدي تي نھ اچي،جيڪو سياست معاملن ۾ غيرجانبدار ھجي،سياست ۽ قومي سلامتي جو هڪ ٻئي سان گھرو تعلق آھي ۽ جيڪڏهن عمران خان سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سان حڪومتي نظم وصبط ،انتظاميا، معيشت ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جو ٻيڙو غرق ٿئي ٿو تھ ڀلي ٿئي،ھو  سنگين غلط فهمي جو شڪار آهي، ھن کي ڪنھن بھ قيمت تي ائين ڪرڻ نھ ڏنو ويندو.

نئين آرمي چيف لاءِ جن سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن جا نالا ممڪن طور تي سامهون آيا آهن، انهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا، ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان مسعود ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر ۽ ليفٽيننٽ جنرل چراغ حيدر شامل آهن، پر  وزيراعظم آڏو آخر ۾  ٽي يا چار نالا پيش ڪيا ويندا، جن مان هو هڪ نالي جي منظوري ڏيندو،ان منظوري جي لاءِ  هو پنهنجي ڪابينا سان بھ  صلاح مشورا  ڪري سگهي ٿو.هاڻي خان صاحب کي  ڪهڙي ميرٽ ۽ شفافيت گھرجي؟

موجوده سياسي بحران جو تعلق صرف ان هڪ مسئلي سان نه آھي، ان ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ جاگرافيائي ترتيب و توازن ۽ قومي خودمختاري جي سوال تي ڇڪ ڇڪان جو بھ ڪافي دخل آهي،ان طرف بھ آڱر کنئي پئي وڃي،تھ خان سان جنرل باجوا سان پاسو ڪرڻ جو ھڪ وڏو سبب آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي ۽ سموري طور تي چين ڏانھن جھڪيل پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ھئي، جنهن جي آمريڪا طرفان ڀرپور آجيان ڪئي وئي آھي.

سڌو ۽ آسان رستو تھ اھو ھو تھ عمران خان بي اعتماديءَ جي رٿ منظور  ٿيڻ  باوجود پارليامينٽ ۾ ويهي رھي ھا، مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ھا۽ ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪري ھا پر هن پنھنجي لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو اهو خود ھن جي ۽ ملڪ جي لاءِ تباھي وارو آھي،اھو ھڪ اھڙو خطرناڪ کيل شروع ڪري چڪو آھي، جنهن جي پي ٽي آءِ کي ڳري  قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اهو هاڻي طئي ٿي چڪو آهي ته اهڙي دٻاءُ واري حڪمت عملي سان ھو  سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل نه ڪري سگهندو، جنهن لاءِ هو گھڻو بيتاب آهي.سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هر قيمت تي پنهنجي بالادستي برقرار رکندي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن جي جنونيت واري راند اهڙي ئي طرح جاري رهي ته سمورو جمهوري عمل پٽڙيءَ تان لهي بھ سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ھڪ اھڙو سخت هائبرڊ حڪومتي نظام اچي سگهي ٿو، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان خان صاحب ۽ پي ٽي آءِ کي ڀوڳڻو پوندو. جنهن ڏينهن ڪجهه ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو ته عمران خان جي پاپلرٽي جي فوبيا ٻن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي، ڪڏهن قتل جي سازش جي ڪهاڻي ٻڌائي ويندي آهي ته ڪڏهن نااهل ڪرڻ جي تياري جا بيان سامهون اچن ٿا.

پر سچ ھي آهي ته ھن جي بي لغام رويي جي اڳيان  بند ٻڌڻ  جي ڪوشش ضرور ٿي رھي آھي.ھن سان ڪھڙو ورتاءُ ڪرڻو آھي،ان جو فيصلو خود  عمران خان ۽ سندس پارٽي کي ڪرڻو آهي.اها ڀڻڪ ھن جي ڪنن  ۾ پئجي چڪي آهي، ان ڪري هو سخت ذهني دٻاءُ ۾ آهي ۽ اڪثر شڪايت ڪري ٿو تھ کيس ديوار سان لڳايو پيو وڃي.

هن کي اھا ڳالهھ اڳ ۾ ئي سمجھڻ گھرجي ھا تھ هو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائي ڪري ملڪ ۾ سياست نٿو ڪري سگهي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ان حقيقت مان سبق سکيو پر مقبوليت جي مرض عمران کي مست هاٿي بڻائي ڇڏيو ۽ هو سمجهڻ لڳو تھ ھن جو ڪو بھ ڪجھھ بگاڙي نٿو سگھي.

پاڪستاني سياست جو ڪلچر ٻين ملڪن کان بلڪل مختلف آهي، چوڻ جي لاءِ تھ ھي ھڪ جمهوري ملڪ آهي، پر حقيقت ۾ هتي نه جمهوريت آهي ۽ نه ئي پارليامينٽ جو ڪو ڪردار آهي، هتي شراڪتي حڪومتي نظام آهي. جنهن تي سموريون سياسي پارٽين اتفاق ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيوارن ۾ اھڙي قسم جا تڪرار ڪا نئين ڳالھھ ناھن،بھرحال سوڀ مضبوط ڀائيوار جي ٿيندي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.