پني عاقل ۾ چوري ڪوشش، مزاحمت دوران نينگري مارجي وئي

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل جي ڪچي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخو مھر ۾ گذريل آچر جي رات دير سان آڻ سڃاتل چورن  پاران مبينا طور چوري جي بھاني گھر۾ گھڙيا ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا جن چورن سان مزاحمت ڪئي ته چورن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 13 ورھين جي نينگري سينگار ڌي محمد يوسف مھر مارجي وئي ۽ چور فرار ٿي ويا جنھن کان پوءِ نينگري جي لاش تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪارروائي بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن کان پوء وارث  ڳوٺ کڻائي آيا، جڏهن ته  نينگري جي قتل جي واقعي جو  ڪيس  داخل ٿي نه سگھيو آهي، ھوڏاھن رضا ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪرڻ تي پنهنجو موقف اختيار ڪندي چيو ته نينگري جي واقعي جي جوابدارن جي  ڳولا ڪري رھيا آھيون ۽ ڪارروائيون جاري آهن باقي  نينگري جا وارثن کي ڪيس داخل ڪرائڻ  نہ آيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان نينگري جي مڙھ دفنائڻ۾ مصروف آھيون جنھن پوءِ ڪيس داخل ڪرائينداسين جنھن وقت به ايندا ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ سندن سان سھڪار ڪيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.