منظور وساڻ جي ڳوٺ واسي گهر جو راشن وٺڻ لاءِ ويل نوجوان پاڻي ۾ ٻڏي فوت

خيرپور/ڪنب ( نمائندن وٽان)خوابن جي بادشاه صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ جي ڳوٺ پير گڊو وساڻ ۾ برسات جي پاڻي ۾ هڪ ڄڻو ٻڏي فوت ٿي ويو ڳوٺ پير گڊو وساڻ ۾ گھران کاڌ خوراڪ وٺڻ لاءِ ويل علي رضا وساڻ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته اسان انتظاميا ۽ ڳوٺ جي وڏيرن کي اطلاع ڏنو ڪنهن به اسان جي مدد ناهي ڪئي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش جي ڳولا ڪئي سين ۽ 15 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش هٿ آيو آهي. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ياد رهي ته صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻيڙي تي گهمڻ دوران ميڊيا کي انٽرويو ڏنو هو ته ڳوٺ ۽ وينس جهڙي صورتحال آهي وينس شهر ۾ به هر پاسي پاڻي هوندو آهي ۽ هتي به رڳو پاڻي آهي ماڻهو ٻيڙين تي گهرن ۾ اچن وڃن ٿا وينس گهمڻ ويو هيس جتي پڻ اهڙو ماحول هو ۽ رڳو پاڻي پاڻي هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.