سوڀو ديرو ڀرسان ڳوٺاڻي آپگهات ڪري ڇڏيو

سوڀو ديرو (ن ع آ) سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ ٻنڊي موٽايو جي رھواسي سترھن سالن جي دلشاد علي شيخ ولد ارشاد علي شيخ ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ م ڳچيء ۾ رسو وجھي خودڪشي ڪري ڇڏي ـ سوڀوديرو پوليس موقعي تي پھچي ضروري ڪاروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ـ شاگرد دلشاد شيخ ٻارھين جماعت م پڙھندو ھيو تمام گھڻو ذھين شاگرد ھيو اسڪول م نمبر پڻ کڻندو ھيو ـ ھو سنڌ سان بي پناهه محبت ڪندڙ نوجوان ھيو ـ ھو گھر م ٻارڙن کي ٽيوشن پڻ ڏيندو ھيو ،گھر م ٿوري گھڻي اڻبڻت ٿيڻ ڪري ھن خودڪشي ڪئي ـ سندس گھر اطلاع ملڻ تي قھرام مچي ويو  ـ سندس خودڪشيء تي سڄي علائقي م سوڳ وارو ماحول ٿي ويو

عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم بابت درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم واري درخواست کي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ رد ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ عامر لياقت جي اڳوڻي زال دانيا شاهه کي ڌر بڻايو ويو آهي، عدالت ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

متولي ۽ ٻن ساٿين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ڦاهي واري سزا رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جي ميمبر اسحاق بوبي جي سزا جي خلاف اپيل منظور ڪندي موت جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس موجب 23آگسٽ 2014ع تي جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري درگاهه جي متولي ذاڪر حسين ۽ سندس ساٿين يونس ۽ محمد نواز کي قتل ڪيو هو، ٽرائل عدالت کين ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.