وزيراعليٰ پنجاب بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ بار جو ڪردار جانبداراڻو هو: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ڪردار جانبداراڻو هو.نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مارچ 2022 کان ٿيندڙ سياسي ايونٽن سبب سياسي ڪيس عدالتن ۾ آيا، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ تي ججن جي مشاورت سان پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ 5 ڏينهن ٻڌڻي ڪري رولنگ کي غير آئيني قرار ڏنو ۽ فيصلو به 3 ڏينهن ۾ ٻڌايو.هن چيو ته دوست مزاري جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ تي سياسي جماعتن سخت ردعمل ڏنو پر ان باوجود اسان صبر جو مظاهرو ڪيو، اسان آگاهه آهيون ته ملڪ سنجيده معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي پر قانون سڀني لاءِ برابر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.