سنڌوءَ ۾ چاڙهه، ٺٽي جا وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ، متاثر برسات ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل

ٺٽو/گهوڙاٻاري(نمائندا) سنڌو درياءُ ۾ آيل وڏي ٻوڏ سنڌو ڪناري راڄو ڳوٺ کي ٻوڙڻ بعد ٻين ڳوٺن کي به پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنھن ڪري ڳوٺاڻن ۾ خوف طاري ٿي ويو آھي، راڄو ڳوٺ کان نڪتل درياءُ جي پاڻي جھرڪ سائيڊ لڳ ڳوٺ خدابخش سولنگي، ملڻ ٻٻر سميت برفتن جي ڳوٺ ۾ داخل ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻن پنھنجا گھر خالي ڪري جانيون بچائي روڊ جي ڀر ۾ برسات ۾ کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، جن جي ڪنھن به سار ناھي لڌي، متاثر ٿيل خدابخش سولنگي، نواب، عرس سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناھي، سندن ٻچا راشن نه ھجڻ ڪري بکن ۾ پيا پاھ ٿين پر مٿن ڪنھن کي به ترس نٿو اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.