ڀان سيد آباد ۾ ٻوڏ متاثر نينگري بکون وگھي فوت، وارثن جو انتطاميا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

ڀان سيد آباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ سبب معصوم نينگري بکون وگھي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس وارثن پئسا نه هجڻ سبب ڪڻڪ وڪڻي ڪفن دفن جو انتظام ڪيو.

ڀان سيد آباد هاءِ اسڪول ۾ ترسيل وڏي وزير جي تڪ يوسي بوبڪ جي ڳوٺ بهادر چانڊيو جي ٻوڏ متاثر نينگري صنم چانڊيو  لڳاتار بکون ڪاٽڻ سبب فوت ٿي وئي.

12ورهين جي صنم چانڊيو جي وارثن سندس ڪفن دفن لاءِ پئسا نه هجڻ ڪري ڪڻڪ وڪڻي بندوبست ڪيو.

فوتڻ نينگري جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا 15 ڏينهن کان سار ناهي لڌي، جنهن سبب بکون وگھي نينگري فوت ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته صنم چانڊيو جي موت جي ذميوار ضلعي انتظاميا،  سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ضلعي انتظاميا خلاف نينگري جو قتل ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.