پيرڳوٺ ٽينٽ سٽي لاءِ آيل سامان ڏنڊا بردار ماڻهو کڻي ويا، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ جي ٽينٽ  سٽي ۾ هڪ هفٿي کان ترسيل برسات ۽ ٻوڏ  متاثر  سهولتن جي کوٽ ۽ اسسٽنٽ  ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر .مختيارڪار  غلام شبير پاران متاثرن کي نظرانداز ڪري پنهنجا نواز پاليسي کان تنگ ٿي  ڻٽينٽ سٽي ۾ ترسيل 20خاندان پنهنجن علائقن ڏانهن هليا ويا آهن . ان سلسلي ۾ ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل  ٻين انڪشاف ڪندي چيو ته ترسيل 100 ,خاندانن مان ڪيترائي متاثر  ڪيترين ئي بيمارين  ۾ مبتلا ٿي ويا . متاثرين  جي ڪئمپن لاء آيل سامان رات جي پيٽ ۾ ريسٽ هائوس مان گاڏين تي لوڊ ڪري من پسند ماڻهن کي ڏنو ٿو وڃي احتجاج تي س سي پاران لڏي وڃن جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون .سخت گرمي۽ مڇرن سبب سوين متاثر  گيسٽرو ۽ ڊائيريا ۾ مبتلا  ٿي وي آهن .هوڏانهن رات دير سان متاثر ڪئمپ تي رکيل سامان روينيو عملدارن متاثرن بدران موٽر سائيڪلن تي سوار ڏنڊا بردار ماڻهن کي راشن ۽ سامان ڏنو ته سپين متاثر  چور چور جا نعرا هڻندا رهيا. متاثرين سنڌ حڪومت  کان مطالبو ڪيو ته روينيو جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪري اناف جو مطالبو ڪيو آهي .هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر جعلي گور مهيسر پاران  پيرجوڳوٺ  پوليس کي حڪم ڪندي چيو ته ٽين سي ۾ ترسيل  خاندانن بغير ٻڌائڻ جي رات جي پيٽ ۾ ٽينٽ چوري ڪري کڻي ويا آهن جن خلاف ڪايوائي ڪئي وڃي .ياد رهي ته متاثرين پاران ڪئمپ تي سهولتون نه هجڻ ۽ متارين سان زيادتين جون ميڊيا تي خبرون هلڻ باوجود انصاف نه ٿيو جنهن کان بيزار ٿي ڪئمپ ڇڏي هليا ويا جنهن تي روينيو عملدارن پنهنجي ڪوتاهي لڪائڻ خاطر متاثرين مٿان ٽينٽ چوري ڪرڻ جو الزام هنيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.