شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو 279هون عرس شروع

ڀٽ شاهه (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو 279 هون عرس شروع ٿي ويو آهي.
سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني درگاهه تي چادر چاڙهي عرس جو باضابطا افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب عرس سادگيءَ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هن چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تيز برسات نه ڏٺي آهي، هر طرف تباهي آهي، ڪنهن به حڪومت جي وس ۾ نه هوندو آهي ته ايتري جلدي منهن ڏئي سگهجي.
ياد رهي ته سنڌ جي عظيم بزرگ ۽ صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ساليانو 3 ڏينهن وارو عرس ڀٽ شاهه ۾ اسلامي سال جي ٻئي مهيني 14 صفر تي شروع ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.