دنيا تي نه ڀاڙڻ گهرجي، وڏا ڊيم ٺاهڻاپوندا: آرمي چيف

راولپنڊي(م  ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ ڊرينيج سسٽم بهتر بڻائڻو آهي، پلاننگ ڪري رهيا آهيون ته آئينده ان قسم جي صورتحال کي منهن نه ڏيڻو پوي، پاڪستان ۾ وڌيڪ وڏا ڊيم ٺاهڻا پوندا ته جيئن پاڻي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف دادوجي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ فلڊ رليف ڪئمپ ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ وقت گذاريو، آرمي چيف دادو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ 5 هزار خيما ورهائڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته پاڪستان جي سمورن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري چڪو آهيان، سڀ کان وڌيڪ تباهي دادو جي علائقي ۾ ٿي آهي،حمل ۽ منڇر ڍنڍ ملي چڪيون آهن، هن چيو ته ٻين علائقن ۾ ريسڪيو جو ڪم تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي، هن وقت اسان جا ڀائر مشڪل ۾ آهن، ان لاءِ امداد کڻي اچو، اسان کي وبائي مرضن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته هر شئي لاءِ عالمي برادري ڏنهن نه ڏسڻ گهرجي، ٻوڏ متاثر گهڻي مشڪل ۾ آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي ماڻهن جي ذميواري اسان جي پنهنجي آهي، هن چيو ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ گهرن جي نئين سر تعمير جو منصوبو غور هيٺ آهي، دادو ۾ رليف ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سان سڄي دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ڪاربن جي خارج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آحي، ٻين ملڪن جي ڪري پاڪستان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، هن چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام وارا، يواين سيڪريٽري جنرل به پاڪستان آيو آهي، آمريڪا، چين ۽ عرب ملڪن کان به امداد اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، آرمي انجنيئرز کي به ٽاسڪ ڏنوآهي، ايندڙ هفتي اسان وزيراعظم ۽ سمورن وڏن وزيرن کي بريفنگ ڏينداسين، منهنجي ذهن ۾ هڪ آئيڊيا آهي ته اسان هڪ پري فيب وليج ٺاهيون ٿا، اهو ڪجهه ڏينهن ۾ ٺهي وڃي ٿو، هن چيو ته اسان 500 کان 100 گهرن جو هڪ ڳوٺ بڻائينداسين، جاءِ جي چونڊ اسان ڪري رهيا آهيون، پري فيب وليج بلوچستان يا سنڌ ۾ ٺاهينداسين، ٻه بيڊروم، هڪ ڪچن وارو گهر 5 لک رپين ۾ ٺهي سگهي ٿو،هن چيو ته  ٻيا ملڪ اسان جا گليشيئر پگهرائي رهيا آهن، اسان کي متبادل توانائي تي غور ڪرڻو پوندو، هائيڊروڪاربن،تيل،ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ کان آهستي آهستي پٺتي هٽڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.