”واهر ڪريو“ ڏوڪري ۾ پڪوڙا وڪرو ڪندڙ پورهيت جو احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ)ڏوڪري جي شاھ لطيف ڪالوني کوکر پاڙي جو راهوسي سڌير نوناري، وزير نوناري گهر ڀاتين سميت واهر نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت سڌير نوناري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري ۾ مسلسل برساتون پوڻ سبب گهر ڊهي پٽ پئجي ويو آهي معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندن توڙي سرڪاري عملدارن هن وقت تائين اسان جي ڪا به واهر ناهي ڪئي نه ئي اسان کي ٽينٽ ۽ راشن ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي وارا پنهنجا نواز پاليسي تحت پنهنجي ڪارڪنن کي راشن ڏئي رهيا آهن ۽ غريب مسڪين پورهيتن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. هن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته واهر ڪري گهر جي تعميراتي ڪم ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.