بدين ضلعي جا ٻوڏ متاثر دربدر، امدادي سامان گدامن ۾ بند، برساتن سبب اٽو خراب

بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) بدين ضلعي ۾ٻوڏ جون تباھڪ ڪاريون جاري آهن، ھزارين خاندان دربدر ٿي ويا، پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو، کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ مڇرن متاثرن کي بيمار بڻائي ڇڏيو. ملڪاڻي سميت مختلف علائقن جا ھزارين  خاندان بي گھر ھئڻ سبب پندرھن ڏينھن گذرڻ باوجود به مصيبتن جي ور چڙھيل آھن، مختيارڪار ٽنڊو باگو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو باگو بل تيار ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف آھن پر ٻوڏ متاثرن کي ڪو به رليف نه ملي سگھيو آھي، پاڪ آرمي پاران ڏنل راشن ۽ صحت جون سھولتون ملي رھيون آھن باقي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ھن برساتي تباھڪارين کي مال غنيمت سمجھي ھڙپ ڪري رھيا آھن. بدين جي ھڪ روينيو عملدار نالي نه ڏيڻ جي  شرط تي  ٻڌايو ته  وڏي تعداد ۾ آيل راشن گدامن ۾ لڪايو ويو، جنھن ۾ اٽو خراب ٿي ويو آھي، ان ڪري  برسات ۽ گھم سبب اھو اٽو استعمال جي لائق نه رھيو آھي، جيڪڏھن اٽو ورھايو ويو ته ماڻهن جو نقصان ٿيندو، صورتحال ايتري ته خراب آھي جو ٻار جيڪي ٽينٽ اندر ويٺل آھن، انھن کي مختلف بيمارين وڪوڙي ورتو آھي، سندن جسم تي ڳاڙھا ڦٽ پيٽ  جي بيمارين سميت مختلف بيماريون پکڙجڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آھي. ڊي ايڇ او ھيلٿ به پنھنجي ذميواري جو ڪم پورو ڪري نه سگھيو آھي، سندس  دوائن جي فراھمي گھٽ ڪرڻ ۽ ڊيوٽين تي مقرر ڊاڪٽر مختلف علائقن ۾ وڃڻ کان قاصر آھن جڏھن ته سياسي مداخلت ايتري ته وڌي وئي آھي جو جيڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي کان آجو رکڻو ھوندو آھي، ان جي ڊيوٽي ڊي ايڇ او آفيس لڳائي کيس آجو ڪيو وڃي ٿو جڏھن ته ھن مشڪل جي گھڙي ۾ به صحت کاتو اھو ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آھي، جيڪو کيس ڪرڻو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.