سرڪاري ملازمن جي پگھار مان ڪٽوتي جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) سرڪاري ملازمن جي پگھار مان ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي سرڪاري ملازمن جي پگھارن مان 2 ڏينهن جي ڪٽوتي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، رقم وزيراعظم ٻوڏ رليف فنڊ 2022 ۾ جمع ڪرائي ويندي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سرڪار ملازمن جي 2 ڏينهن جي پگھار ڪٽوتي واري سمري جي ڪابينا مان منظوري وٺڻ لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا سرڪيوليشن ذريعي منظوري لاءِ ڪابينا ميمبرن کي اماڻي وئي، سمري موجب وزارتون، ڊويزنز، حڪومتي ماتحت ادارن جي سرڪاري ملازمن کان ڪٽوتي ڪئي ويندي، سول آرمڊ فورسز، سولين ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي ڪئي ويندي، ڪانٽريڪٽ، ايم پي ۽ ايس پي پي ايس اسڪيلز جي ملازمن کان ڪٽوتي ڪئي ويندي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته بئنڪن، مالياتي ۽ ريگيوليٽري ادارن سان به رابطو ڪيو ويندو، ٽيلي ڪام ڪمپنين، انشورنس ڪمپنين ۽ ٻين ادارن سان به رابطو ڪيو ويندو، مناسب سمجهو ويو ته ملازمن کان ڪٽوتي رضاڪاراڻي طور ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.