خيرپور مان پاڻي نيڪال ڪرڻ وارا موٽر سياسي هائوسن حوالي

خيرپور ( س ر) خيرپور مان پاڻي نيڪال ڪرڻ وارا موٽر  سياسي هائوس جي حوالي ميونسپل ڪاميٽي خيرپور پبلڪ هيلٿ خيرپور پاڻي ڪڍڻ وارا موٽر بااثر سياستدان جي زمين مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ لڳايا ويا آهن برسات کان پوءِ 22 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به خيرپور ۾ جي مختلف محلن ۽ ڪالونن مان برسات جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو خيرپور جي روڊن رستن تي گندگي جا ڍير لڳل خيرپور جا گٽر ۽ ناليوڻ ابتيون وھڻ لڳيون ميونسپل ڪميٽي جو صفائي وارو عملو گم شھري عذاب واري زندگي گذارڻ لڳا. آهن، ،هن سلسلي ۾خيرپور جي  ڇٽي چوڪ، پنجگلا چوڪ، فاروق اعظم چوڪ، جامع مسجد ،ٻٽڙو محلو، محلا، الطاف ڪالوني، ڊي سي آفيس روڊ تي، خانڻ شاهه روڊ، ڪالوني، سٽيزن ڪالوني، مل ڪالوني، لطيف ڪالوني، شھباز ڪالوني، خانڻ شاھه ڪالوني، ميرعلي بازار، جيلاني محلا، بخاري محلا، پنجھٽي محلا، اوستگاھي، انبار محلا، سليم آباد، فيض آباد، سائده ڳوٺ، نئون ڳوٺ ۽ گلستان ڪالوني سميت خيرپور جي 50 کان پاڙن ۽ ڪالونين مان 22 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ھوڏانھن خيرپور جي شھرين شاهنواز عباسي، جواد علي نواب علي، ممتاز حسين، جميل احمد ۽ ٻين احتجاجي ڪندي چيو ته 18 ڏينهن اڳ خيرپور ۾ پيل قيامت جھڙي برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي خيرپور جا گٽر ۽ ناليون ابتڙ پيون وھن ھر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن روڊن رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي. نالين جو گندو پاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيو آهي جنھن گھر ڪرڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. گندو پاڻي بيهڻ سبب ھر طرف بدبو پکڙيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.