ٽنڊو آدم ۾ رٽائرڊ فوجي پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊوآدم (رپورٽ ممتاز حيدري) ٽنڊوآدم لڳ ڄام نواز ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخشڻ ڪلوئي ۾ ايئر فورس جي رٽائر فوجي 60 سالا علي حسن  ولد نبي بخش ڪلوئي گھرو پريشانين سبب پنھنجي مٿان بندوق جو فائر ڪيو جنھن سبب ھو سخت زخمي ٿي پيو اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي زخمي کي کڻائي تعلقا اسپتال وڃي رھي ھئي ته ھو زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو جنھن بعد تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيوويو ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آھي ته فوتي کي بندوق صاف ڪندي اتفاقي گولي لڳي آھي پوليس موجب ته ھمراھ خودڪشي ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.