سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن بابت الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي طرفان سنڌ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ هڪ ڀيرو وري برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقا هڪ ڀيرو وري برسات جي لپيٽ ۾ هوندا، 10 کان 14 سٽپمبر تائين ٿرپارڪر، بدين، عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص ۾ ڪڪر وسندا.

موسميات کاتي موجب گجگور ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.