جدي کان ڪراچي ايندڙ پرڏيهي جهاز حادثي کان بچي ويو

رياض(ويب ڊيسڪ)جدي کان ڪراچي ايندڙ پرڏيهي جهاز حادثي جو شڪار ٿيڻ کان بچي ويو. لينڊنگ کان ٿورو اڳ جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو.

هوائي اختيارين موجب جهاز جي ڪپتان وڏي مهارت سان جهاز کي حفاظت سان هيٺ لاٿو جڏهن ته پَکي ٽڪرائجڻ جي ڪري انجڻ کي نقصان ٿيو آهي.

هوائي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته مسافرن کي هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، سڀاڻي صبح کين جدي روانو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.