عمران نيازي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي سطح تي عزت جي نگاهه سان ڏسيو ويندڙ رسالي اڪنامسٽ ۾ شايع  ٿيندڙ ٻن خبرن عمران نيازي بابت اسان جي موقف جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، هو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هوڏانهن وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاران مسلسل تعاون، يڪجهتي ۽ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اهڙو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي وزير جي سينيئر پاليسي صلاحڪار ڊيرڪ چوليٽ سان ڳالهائيندي ڪيو وزيراعظم چيو ته آلوده پاڻي جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو ممڪن ڦهلاءُ پڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.