”ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ آباد ڪريو“ وڪيلن جو سي ايم هائوس آڏو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ انڊس لائرز فورم جي محسن علي جي اڳواڻي ۾ وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ کان وزيراعليٰ هائوس تائين ٻوڏ متاثرن جي حق ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو. وڪيلن 2 بينر کنيا جن تي لکيل هو ته ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽينٽ سٽي ائم ڪيو وڃي. سنڌ سان انصاف ڪيو وڃي، وڪيلن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي  ٻين ضلعن جي ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي، ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب به ڳالهين لاءِ پهتو ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد وڪيلن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو،مرتضيٰ وهاب چي ته ڪراچي ۾ 41 ڪئمپن ۾ 18 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن کي ترسايو آهي،وڌيڪ خيمن لاءِ آرڊر ڏنا ويا آهن، ڪراچي سميت هر ضلعي ۾ وڌيڪ ٽينٽ سٽي قائم ڪيا ويندا، هن چيو ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته ٻين ضلعن مان ڌاڙيل ڦورو اچي رهيا آهن مان ان جي سخت مذمت ڪريان ٿو، خدا جي واسطي نفرتن جي فضا ختم ڪريو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.