فوج خلاف ڳالهائيندڙ قوم۽ دين جا دشمن آهن: چوڌري پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته فوج خلاف ڳالهائيندڙ قوم۽ دين جا دشمن آهن. جامعا اشرفيا ۾ ختم نبوت صلي الله عليه وآله وسلم استحڪام پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز الاهي جو چوڻ هو ته اسلام جي خدمت، جمهوريت ۽ ملڪي دفاع جي حوالي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڏڦيڙ، گھرو ويڙهه ۽ هر قسم جي حالتن کان پاڪ فوج ۽ علماءِ ڪرام بچائي رکيو آهي، پي ڊي ايم غلط فهمي ۾ نه رهي ته پاڪ فوج سان لاڳاپا خراب ٿيندا.چوڌري پرويز الاهي جو اهو به چوڻ هو ته 10 ڏينهن کانپوءِ نوڪرين تان پابندي ختم ڪئي ويندي جئين ماڻهن کي روزگار ملي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.