سجاول جي ڪچي جا علائقا ٻڏي ويا، لڳ ڀڳ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي جو گذر

سجاول (رپورٽ: منظور احمد ميمڻ) سجاول سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ وهندڙ وڏي ٻوڏ وارو وهڪرو ٺٽي سجاول جي حدن وٽان گذرندڙ آھي ڇھ لک ڪيوسڪ پاڻي ھجڻ ڪري سجاول ضلعي جي ڪچي جا سمورا علائقا پاڻي جي ور چڙھيل آھن سيلاب متاثرين دياء  بندن تي رھڻ تي مجبور آھن سيلابي صورتحال جي ڪري سورجاڻي منارڪي ۽ ايم ايس بندن تي پاڻي جي ڌٻاءُ واري صورتحال برقرار آھي سنڌو درياءُ ھن وقت پنهنجي موج ۽ مستين سان ڇوليون هڻندي انڊس ڊيلٽا وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رھيو آھي جڏهن ته  سجاول جي حساس بندن ۾ سورجاڻي  بند ۽ منارڪي بند تي مختلف جڳين تي سيمون به ڪري رھيو آھي سيمون ڪرڻ جي اطلاع تي ڳوٺاڻن  پنھنجي مدد پاڻ تحت بند کي محفوظ ڪرڻ ۾ مصروف رھيا آھن اھڙي صورتحال ۾ ھتان جا چونڊيل نمائندن ۾ شيرازي برادارن بندن پھچيو وڃن ان حوالي سان سيد شفقت شاھ شيرازي ۽ اياز شاھ شيرازي شاھ حسين شاھ شيرازي جو چوڻ ھو ته سجاول جي عوام کي مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو اسين ھر وقت بندن جي نگراني ڪري رھيا آھيون ۽ بندن جو معائنو ڪندي ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي سختي سان پابند به ڪيو آھي  ته بندن جي نگراني سخت ڪئي وڃي انتظاميا جو چوڻ ھو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آھي ھن وقت ڪابه خطري جي ڪا ڳالھ نه آھي بندن تي ايرگيشن عملو ڊيوٽي ڪري رھيو آھي جڏھن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته  ايريگيشن جي لاپرواھي سبب سورجاڻي ۽ منارڪي بند جي مختلف جڳين تي سيمون روڻ لڳڻ جي ڪري ڳوٺاڻن ۽ شھرين ۾ خوف ۽ حراس آھي جڏهن ته سورجاڻي ۽ منارڪي بند تي چيف انجنيئر ۽ سپريڊنٽ انجيئر  سميت لاڳاپيل عملو ھيوي مشينري سان سيمون ٿيڻ واري ھنڌ تي  موجود آھي  ھتان جي ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ايرگيشن انتظاميا جي نااھلي ڪري بندن تي سيمون پيدا ٿي رھيو آھي بندن تي ڳوٺاڻا جيڪي ڏھاڙي مذدوري ڪرڻ وارن مزدورن کي ٽن ٽن ڏينهن جو پگھار به نه مليو آھي ته  اھي ڪھڙي بندن جي ڊيوٽي ڪندا ھتان جي ڳوٺاڻن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته حساس بندن جي نگراني سميت مزدورن جي اجرت وڌائي سختي سان پابند ڪيو وڃي ھنن چيو ته سيلابي صورتحال ھجڻ جي ڪري ھتان جا شھري راتيون جاڳي گزارڻ لڳا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.