سنڌ ۾ برسات جون تباهڪاريون، قدرتي آفت يا حڪومت جي نااهلي

علي مردان چانگ ايدووڪيٽ

علي مردان چانگ ايدووڪيٽ

قدرتي آفتون سڄي دنيا ۾ اينديون آهن ۽ حڪومتون پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪم ڪري ماڻهن ‌‌کي مصيبتن مان ڪ­­ڍي آباد ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهنديون آهن. موسمي تبديلين سڄي دنيا سان گڏوگڏ ننڍي کنڊ کي به متاثر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. دنيا ۾ هڪڙي پاسي ٻوڏون آهن ته ٻئي پاسي ماڻهو ‌لپ پاڻي لاءِ پريشان آهن. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ حڪومتون اڳواٽ اپاء وٺي قدرتي آفتن کي منهن ڏيئي گھڻي ڀاڱي نقصان کان بچاء ڪري وينديون آهن. اسان وٽ وري ابتو ڪم آهي. حڪومت ڪم ڪري ڄڻ ته ماڻهن تي احسان ڪندي آهي. سنڌ ۾ گذريل تقريبن ٻن مهينن کان هلندڙ برسات هڪڙي پاسي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي به ڪيترائي سوال اٿاريا آهن.

ماڻهو برسات جي ڪري پنهنجا اباڻا گهر ۽ ڪٿي ته پوري جا پورا ‌ڳوٺ ڇڏي روڊن تي بي يار و مددگار ويٺل آهن ۽ بک ۽ بيماري جي ڪري پريشان آهن پر مجال آ جو سنڌ حڪومت جي ڪن تي جونء به سري هجي.  اڄڪله جي جديد سائنسي دور ۾ جتي قدرتي آفتن جي باري ۾ اڳواٽ خبر پئجي سگهي ٿي ۽ اڳواٽ تياري ڪري يا ته مڪمل طور يا گھڻي ڀاڱي تباهي کان بچڻ ممڪن آهي. دنيا جا سمورا  موسمن جي ڄاڻ ڏيندڙ ماڊل هن سال معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري چڪا آهن. پر اسانجي حڪومت سڳوري اڳواٽ تياري ته ڇا ڪري ها تباهي اچڻ کانپوء به ظاهر ناهي. ماڻهو روڊن تي بنا اجھي جي ويٺل آهن، هڪڙي پاسي برسات کين جي جھوري وڌا آهن ته ٻئي پاسي بک، بدحالي ۽ حڪومت جي لاپرواهي حال حيڻا ڪري وڌا آهن. قدرتي آفتون رڳو اسان وٽ اينديون آهن ڇا؟ ڇا دنيا جا ٻيا ملڪ قدرتي آفتن کان بچيل آهن؟

دنيا ۾ جاپان وڌ کان وڌ قدرتي آفتن کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي جتي هر سال زلزلا، ٻوڏون، آتش فشان وغيره پيا ايندا آهن. رڳو 2011 جي سنامي ۾ جاپان ۾ 18000 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا. جاپان جي 49 سيڪڙو آبادي ۽ 75 سيڪڙو ڪاروبار اهڙن علائقن ۾ آهي جتي هر سال ٻوڏ ايندي آهي. جاپان جي حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا اپاء وٺندي آهي؟

2011  واري سنامي کانپوءِ جاپان جي حڪومت سمنڊ ڪناري آباد ڳوٺن کي ٻوڏ کان بچائڻ جو سوچيو ۽ سمنڊ ڪناري 400 ڪلوميٽر Sea Walls  ٺاهيون جيڪي 8.5 کان 24 ميٽر تائين سمنڊ کان مٿي آهن. دريائي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ دريائن جا پيٽ اونها ۽ ويڪرا ڪيا ويا ۽ مختلف جڳهن تي کاهيون کوٽيون ويون جن ۾ درياء ۾ چاڙه مهل  پاڻي کي وڌو ويندو آهي ۽ درياء ۾ لاٿ کانپوءِ ساڳيو پاڻي درياء ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. مختلف جاين تي پمپنگ اسٽيشن ٺاهيون ويون آهن جيڪي مينهن جي پاڻي کي درياء ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن ۽ ٻيا به کوڙ طريقا استعمال ۾ آڻي حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي آهي.

2010  ۾ اسانجي ملڪ ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتون پيون جنهن سبب دريائن ۾ خاص طور سنڌو درياء ۾ مها ٻوڏ آئي. حڪومتي انگن اکرن موجب 2010 واري ٻوڏ ۾ 2000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو موت جي ور چڙهي ويا ۽ ٻه ڪروڙ ماڻهو سڌو سنئون متاثر ٿيا.  ٻوڏ وارن علائقن ۾ فصل ۽ انفرااسترڪچر تباه ٿي ويا ۽ سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 94 خرب جو نقصان ٿيو. سڄي دنيا مان جيڪا امداد ملي انهي سان ڀوتارن پنهنجا پيٽ ڀريا، حڪومت ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. حڪومت ۾ ويٺل ڀوتارن جا فصل بچائڻ لاءِ درياء کي آبادي واري هنڌان ڪٽ ڏيئي لکين ماڻهن کي ٻوڙايو ويو. 2010 واري ٻوڏ کي 12 سال گذري ويا. حڪومت غلطين مان ڪجھ نه سکيو. هڪڙي پاسي جاپان جو مثال آهي ٻئي پاسي اسانجي حڪومت.

سنڌ ۾ گزريل 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. 2010 واري ٻوڏ دوران به سنڌ ۽ وفاق ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي. 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ هينئر تائين 12 سال گذري ويا پر ٿيو ڪجھ به ڪون. نه بئراجن جي صفائي ٿي نه بند پڪا ٿيا، نه شهرن جو انفرااسٽرڪچر بحال ٿيو ن ئي پاڻي نيڪال جو ڪو بندوبست ٿي سگھيو. شهرن ۾ ڪلاڪ جي برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي به گنجائش ناهي. سکر ۽ حيدرآباد جهڙا شهر جيڪي درياء جي ڪناري آباد آهن ۽ جتي جو برسات جو پاڻي آساني سان درياء ڏي نيڪال ڪري سگھجي ٿو پر حڪومت وٽ ڪا حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي.

هاڻوڪين برساتن ۾ بي گھر ٿيل ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آهن ۽ هن مهل تائين به حڪومت ڪٿي نظر نه  ٿي اچي. ماڻهن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو ويو آهي. ماڻهو اٽي لپ لاءِ پريشان آهن. ڪيترن ڳوٺن جو شهرن سان رابطو ‌ختم ٿي چڪو آهي. وري جيڪا ٽڪو پئسو امداد آئي آهي انهي سان ڀوتار پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن، هنن ڀوتارن جا پيٽ جهڙو ڪي بليڪ هول  ) (Black Hole هجن جيڪي ڀرجڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.

حڪومت جي سنجيدگي ان ڳاله مان واضح آهي ته ماڻهن کي وڌيڪ خوار ڪرڻ لاءِ واهن کي کوليو ويو آهي. جيڪي ماڻهو اڳي ئي ٻڏا پيا آهن انهن کي وڏيڪ ٻوڙڻ ۽ رهيل ڪسر پوري ڪرڻ لاءِ آبپاشي جو عملو ميدان ۾ لٿل آهي. حڪومت جي بدنيتي سموري عمل مان واضح آهي جيڪا ماڻهن جا سور گھٽائڻ بدران وڌائڻ جي ڪم ۾ لڳل آهي. مٿان وري کاڌي جو سامان اڻلڀ آهي.

منافع خور سرگرم ٿي ويا آهن پلاسٽڪ جي ڪلي جيڪا 15 يا 20 رپيا فٽ تائين ملندي هئي سا 200 رپيا فٽ ۾ پئي ملي، ڀاڄيون مارڪيٽ ۾ ناياب آهن. مطلب ته حڪومت ۽ منافع خورن جون ڏه ئي گيه ۾ آهن، غريب جي پريشاني سان سندن ڪو واسطو ناهي. غريب جا سور گھٽائڻ ته پري رهيو پر وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي اٿئون.

ٻئي پاسي وري نام نهاد قومي ميڊيا آهي جيڪا اٺن ڏينهن کان شهباز گل جي پويان لڳي پئي آ. اردو ميڊيا کي ڏسو ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ملڪ ۾ رڳو شهباز گل ئي آهي ۽ سندس گرفتاري جهڙوڪ  قومي سلامتي جو مسئلو هجي. سنڌ ٻڏي وئي اردو ميڊيا جا اهي ئي ساڳيا رينگٽ. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان اردو ميڊيا جو تعصب هميشه جيان هن مسئلي ۾ به واضح آهي.

سنڌ حڪومت کي فوري طور اڳتي اچي ماڻهن جي مدد ڪرڻ کپي. لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جو چوپايو مال مري چڪو آهي ۽ ايتري ئي تعداد ۾ ماڻهن جا گھر ڊهي پيا آهن. فصل جو نالو نشان ناهي رهيو. سنڌ ۾ ماڻهن جو گھڻو گذر فصل تي آهي ۽ پاڻي جي صورتحال ڏسي ايندڙ ڇهن مهينن تائين به فصل ٿيندي نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت کي اڳتي اچي هنن لکين بي گھر ماڻهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ لاءِ سنجيده اپاء وٺڻ کپن. شهرن ۾ ماڻهن جي رهائش جو بندوبست ڪري روزگار فراهم ڪيو وڃي. حڪومت جا مقرر ڪيل فوڪل پرسن ته ڪٿي به نظر نه ٿا اچن.

شايد انهي انتظار ۾ آهن ته ڪٿان امداد اچي ته جيئن کين غريبن جو مال ڦٻائي پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ لڳي وڃن جيڪو هميشه سندن پسنديده شوڪ رهيو آهي. حڪومت جي نااهلي ۽ بدنيتي ان ڳاله مان به واضح آهي ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود به حڪومت وٽ ڪا حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي. ايئن محسوس ٿو ٿئي ڄڻ ماڻهن جي بحالي جو حڪومت کي ٽڪو پئسو خيال به ناهي.

  تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن جتي ماڻهن بک ۽ بدحالي مان بيزار ٿي حڪمرانن کي ڪرسين تا لاهي حڪومتن جا تخته اونڌا ڪري ڇڏيا. ڇا هتي به حڪومت انهي انتظار ۾ ويٺل آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته بک انقلاب ۽ ڏوهن جي ماء آهي.انسان جي سهپ جي هڪڙي حد آهي ۽ انهي حد پار ٿيڻ کانپوء ماڻهو ڪجھ به برداشت نه ٿو ڪري سگھي. ڪٿي ايئن نه ٿي جو ماڻهن جي سهپ جواب ڏيئي وڃي ۽ اهي اٿي ڀوتارن جا بليڪ هول بڻيل پيٽ ڦاڙي وجھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.