چوماسو، لوڪ گيت ۽ چوماسي جي مينهن جا راڱا

حسن پٺاڻ

چوماسي جي حوالي سان موسميات کاتي جي اڳواٽ جاري ٿي وارننگ کان پوءِ بہ حڪومت بچاءَ جي لاءِ ڪي اڳواٽ اپاءَ نہ وٺڻ ۽ نتيجي ۾ چوماسي جي مينهن جا راڱا.
سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ لڳاتار مينهن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. برسات سبب سنڌ ۾ عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جي واهر نہ ٿي سگهي آهي.
جڏهن تہ ڪالھ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تازين برساتن جي صورتحال بابت اهم اجلاس ٿيو آهي. اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، لاڳاپيل سيڪريٽري ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تہ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 220 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي آهي، برسات سبب انفراسٽرڪچر ۽ عوام کي جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري فيصلو ڪيو تہ امدادي ڪمن لاءِ متاثر ضلعي جي هر ڊپٽي ڪمشنر کي فوري طور تي 30-30 لک رپيا جاري ڪيا وڃن. هن ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي تہ اڄ ئي سمورن ضلعن ۾ رليف ڪئمپن، برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن. برسات متاثرن کي راشن، خيما ۽ ٻيون ضرورت جون شيون فراهم ڪيون وڃن. جتي صورتحال خراب آهي اتي برسات متاثرن کي اسڪولن ۾ رکيو وڃي، جڏھن پي ڊي ايم اي پاران خيما ۽ راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويندا. چيف سيڪريٽري عملدارن کي هدايت ڪئي تہ صوبي ۾ برساتن سبب انفراسٽرڪچر ۽ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، نقصان جو اندازو لڳائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
هوڏانهن نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي جي انگ اکرن موجب سنڌ جا 17 ضلعا برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ 66 ٻارن سميت 141 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، تقريبن 500 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
سڄي سنڌ ۾ ساڍا پنج لک ماڻهو ۽ 32 هزارن کان مٿي گهر متاثر ٿيا آهن، جڏھن تہ ايڪيھ سئو ڪلوميٽر روڊ، 45 پليون ۽ ڪيترائي دڪان متاثر ٿيا آهن. ان کان علاوه تقريبن ساڍا ڇھ لک ايڪڙ زرعي زمين متاثر ٿي آهي، جنھن ۾ خيرپور، شهيد بينظير آباد ۽ نوشهرو فيروز جا ضلعا شامل آهن. کجي، ڦٽيون، ڀاڄيون، ڪمند، گاھ ۽ ٻين فصلن کي برسات سبب نقصان پهتو آهي. جڏهن تہ سندن چوڻ آهي تہ هن وقت تائين اڃا انهي نقصان جو تخمينو نہ لاڳايو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح وري صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ آهي تہ گڊو سکر ۽ ڪوٽڙي وٽ وچولي ۽ هيٺين سطح جي واري ٻوڏ جي صورتحال آھي. پر موسميات کاتي جي جاري ٿيل وارننگ مطابق اگر بلوچستان ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهيو تہ قمبر شهدادڪوٽ، دادو، ڄام شورو ٻوڏ جي زد ۾ اچي سگهن ٿا.
برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ پي ڊي ايم اي سنڌ کي هر ضلعي ۾ پنهنجا ايمرجنسي ۽ رليف لاءِ رابطي جا نمبر جاري ڪرڻ گهرجن جئين شهري ضرورت وقت انهن سان رابطو ڪري سگهن. تہ جئين مينهن ۽ ٻوڏ سبب انهن جي مدد ٿي سگهي.
سنڌ ۾ چوماسي مينهن جتي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سياسي سماجي تنظيمن مقامي اڳواڻن کي ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪري ايمرجنسي واري صورتحال جي نشاندهي ڪري ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي ۽ سرڪاري عمارتن ۾ شفٽ ڪرائي انهن جون زندگيون بچايون وڃن.
برسات متاثر ضلعن ۾ ماڻهن کي ريلف ڏيڻ وقت انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ گهرجي تہ زخمين، عورتن، ٻارن ۽ ضعيفن جي علاج جو بندوبست ٿي سگهجي.
خاص طور تي ڳورهارين عورتن جي حوالي سان ايمرجنسي ۾ ٻار جي پيدائش ٿيڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي کي اپاءَ وٺڻ گهرجن.
سنڌ ۾ غير معمولي برساتن جي ڪري سنڌ جي زرعي معيشيت سخت متاثر ٿي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ خوراڪ جي کوث وارو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پڻ پيدا ٿي ويو آهي. مسلسل تيز برساتن سبب سڄي سنڌ ۾ زرعي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. پورهيت بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. برساتن جي تباهڪارين سبب سنڌ جي زرعي معيشيت کي اربين روپين جو نقصان ٿيڻ جو اندازو لڳايو پيو وڃي. خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ 20 ڏينهن اڳ پيل برساتن کجيءَ جا باغن سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪپھ، ڪمند، ڀاڄين ۽ مرچن جا فصل تباھ ڪري ڇڏيا آهن. پر هلندڙ برسات جي اسپيل رهيل فصلن کي مڪمل ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي آبادگار تنظيمن برساتن جي ڪري ٿيل نقصان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اهو خدشو ظاهر ڪيو آهي تہ سنڌ جي زرعي معيشيت کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ ڀاڄين سميت ٻيا فصل ختم ٿي وڃڻ ڪري هڪ طرف غربت ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ خوراڪ جي کوٽ وارو مسئلو پيدا ٿي ويندو. ان سلسلي ايوان زراعت سنڌ برسات جي تباھ ڪارين تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ سرڪار کان فوري طور تي سڄي سنڌ جي برسات متاثر سمورن علائقن کي بنا دير آفت سٽيل علائقا قرار ڏيڻ، روينيو کاتي کان فصلن جي ٿيل نقصان جي سروي ڪرائي نقصان جو ڪاٿو لڳائي معاوضو فراهم ڪرڻ، ڍل، آبيانو، بئنڪ جي قرض سميت سموريون سرڪاري وصوليون معاف ڪرڻ ۽ سنڌ مان پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تان قبضا هٽائي پاڻي نيڪال جا رستا ڪليئر ڪرائڻ جا مطالبا ڪيا آهن. جڏهن تہ آبادگارن کي بنا وياج نوان قرض ڏيڻ جي پڻ گهر ڪئي آهي. آبادگار تنظيمن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان اها پڻ گهر ڪئي آهي تہ برسات جي ڪري بي گهر ٿي ويل ماڻهن کي فوري طور تي رليف ڏئي اجها ڏيڻ جي رٿا جو اعلان ڪيو وڃي. ان سان گڏ بيروزگاري سبب بکون ڪاٽيندڙ ماڻهن جي واهر جي لاءِ تڪڙا اپاء ورتا وڃن. سنڌ حڪومت سمورن برسات متاثر علائقن ۾ نقصان جو جائزو وٺي ازالو ڪيو وڃي. بي گهر ٿيل ۽ بکون ڪاٽيندڙ پورهيتن کي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تڪڙيون ڪوششون ڪيون وڃن نہ تہ برساتن جي نتيجي ۾ وڏو انساني الميو بہ پيدا ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جي نالي واري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب لوڪ گيت پڙهڻ سان پتو پئي ٿو سنڌ ۾ چوماسي جي مند خوشيءَ جي علامت هجي ٿي پر انتظامي لاپرواهي ۽ غلط رٿابندي سبب تباهي آڻي ٿي. بلوچ صاحب ٻڌائي ٿو تہ چوماسو لوڪ گيت ٻہ هو لکي ٿو تہ "چوماسو ٿر جو عام مقبول گيت آهي. سانوڻ جي مند ۾ هڪجيڏيون سرتيون گڏجي ‘’چوماسو‘’ گيت ڳائينديون آهن. چوماسي/ برساتي ڏينهن ۾ ڏورانهين پنڌ تي پرڻيل ڇوڪرين جي من ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ، مائٽن ۽ سرتين لاءِ اڪير ۽ ساڻن اباڻي ڳوٺ وڃي ملڻ جي تمنا، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. هن گيت ۾ چوماسي جي مند ۾ ڀرجي ايندڙ ڪارن ڪڪرن، کنوڻين ۽ گوڙين کي ڏسي پرڻايل ڇوڪري، وطن، مائٽن ۽ سهيلين کي ياد ڪري ٿي. آخرڪار کيس ڀاءُ وٺڻ لاءِ اچي ٿو. جنهن سان گڏجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ اچي ٿي. واٽ تي مينهن وسي ٿو، جنهنڪري سندس ڪپڙا پسي وڃن ٿا. ڳوٺ جي ٻاهران هوءَ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي ڏسي ٿي، جي ٻنيءَ ۾ هر پيا ڏين ۽ ٻج پيا ڇٽين. ڳوٺ ۾ اچي پنهنجن مائٽن ۽ سهيلين سان ملي، وسڪاري جي خوشي ملهائي ٿي. هن گيت جون ٿر ۾ ٻيون بہ ڪيتريون روايتون موجود آهن.

اونڌو گجي گاج، گھوري جائون،
ورسارو آيو ڏيس !
گھوري جان، چوماسو آيو ڏيس!

ڀريوڙو ڏاڏاڻي رو ڏيس،
ورسي ڀريا ٽوڀا ٽوڀڙين!
ورسارو آيو ڏيس!

ڌيئا ٻائي نان تيڙوجا،
اونڏو منڏي ويرا گاسيڙو،
ورسارو آيو ڏيس!

اونڏين کوين کنوڻين ري گھوري،
جھرمر برسين مينهن،
ورسارو آيو ڏيس !

ڀنيو مانهنجي ويري رو مورهيڙو،
گھوري جان چوماسو آيو ڏيس!

ڀيجي هر کيڙيتي رو ٻاجهرو،
ڀيجي ڌيئا ٻائي رو هار،
ورسارو آيو ڏيس!

"گوڙيون گجن پيون، گهور ٿيان، منهنجي ڏيھ ۾ وسڪارو ٿيو آهي،
گهورجي وڃان جو منهنجي ديس ۾ چوماسو آيو آهي.

منهنجو ڏاڏاڻو ڏيھ وٺو آهي، ٽوڀا ۽ ترايون تار ٿي ويون آهن. ڏيھ ۾ وسڪارو ٿيو آهي.

ڀيڻ کي وٺي اچڻ لاءِ اي وڏا ڀاءُ (اُٺ جو) گاشيو تيار ڪج، ڏيھ ۾ وسڪارو ٿيو آهي.

گهور وڃان، پري کان کنوڻيون تجلا پيون ڪن ۽ مينهن بہ پيو وسي. ڏيھ ۾ وسڪارو ٿيو آهي.
پوک ۽ منهنجي ڀيڻ جو هار بہ پُسي پيو آهي. ڏيھ ۾ مينهن پيو آهي.”

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.