وزيراعظم طرفان سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ خاندانن لاءِ وڏو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ فوري امدادي ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي متاثرن لاءِ  50 هزار رُپيا في خاندان ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته متاثرن کي کاڌي پيتي جي سامان جي فوري فراهمي سان گڏ رهائش ۽ طبي سهولتون پڻ ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.