ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي جي تباهي جو نوٽيس ڪير وٺندو؟

عبدالستار لُهر 

حقيقت ھي آهي ته ٻولھاڙي، امير ترين يونين ڪائونسل ھئي جنهن ۾ سياسي ڀوتارن پنهنجي واٺن ھٿان ڪنگال ڪري ڇڏيو ھيو ۽ پوءِ ناٽڪي نظام سبب ڀوتارڪي نظام اڻپڙھيل نام نھاد ٺگي ٽوڙي ۾ چونڊيل ناظم ۽ ڪائنسلرن جي لوڌ آڻي پنهنجا پيٽ ڀريا پر عوام جا ڪي بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا پر تعجب اھو آهي ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ نالي ماتر اسڪيمن مٿان اسڪيمون تيار ڪري پنهنجن اعتماد وارن واٺن کي ٺيڪا ڏنا جن اڻپورو اڌورو ۽ بغير پلاننگ ساڻ پاڻي جون لائينون وڇايون. 2016 کان MC ٻولھاڙي وڏي ڌام ڌوم ساڻ قائم ٿي جنهن ۾ چيئرمين وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر ڪمداري ڪندڙ آفيسر شاھي معرفت چونڊجي آيا جن ايندي ماھوار فنڊ ھڪ ڪروڙ سٺ لک روپين کان وڌيڪ ھئي جنهن تي راتاھو ھڻي چار سال پنهنجي جاگير سمجهي پئي لٽيو پر عوام کي ڪا به بنيادي سھولت ميسر ٿي نه سگهي پر عوام جون دانھون ڪوڪون رڙيون ۽ احتجاجن کي اھميت نه ڏني وئي ھميشا جيان فنڊ کي بي يارو مددگار سمجهي ڦرلٺ جي بازار يعني گلشن جو ڪاروبار کي جاري رکيو جنهن پنهنجن کيسن سميت پنهنجي مٿان ھٿ رکندڙن کي به خوش رکيو آهي پر عوام آزار ڪردار مثالي رھيو آهي.

ايم سي  ٻولھاڙي جون آباديون ھميشا جيان مسئلن جي گھيري ۾ رھيون آهن صاف ظاھر ته ڪيترن ڪالونين ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي پر جي آهي ته من پسندن وٽ مخصوص لائينون آهن وال مين به پرائيوٽ رکيل آهن صفائي جو فقدان رھيو آهي ڊرينج سسٽم اڪثر ناڪارا اڌورا اڻپورا گھٽيون کڏا کوٻا بڻيل گندگي جا ڍير عوام لاءِ عذاب پيدا ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڳوڻي انتظاميا يعني چيئرمين ۽ سندس ٽيم جيڪا ماشاءَالله ھڪ ئي بااثر خاندان جا واٺڙا آهن انهن ويندي ويندي ملازمن جي فوج ڀرتي ڪئي ڪي غلط نه سھي پر سوئپرن جي لوڌ 100 کان مٿي ڀرتي ٿيا انهن ۾ ڪجهه مسلمان پڻ ڀرتي ٿيا پر اڪثر ڀرتي ٿيلن کان وڏي رقم 50 ھزار کان 75 ھزار ۽ لک روپين اوڳاڙيا ويا جيڪي ھاڻي به پگھارن لاءِ رلن ٿا ٻن ٽن ۽ چئن مھينن جون پگھارون ڏنيون وڃن ٿيون ته ان مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي خود سوئپرن نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي ٻڌايو جڏهن ته سو کان وڌيڪ صفائي عملي کي من پسند علائقن ۾ پنهنجن واٺڙن حوالي آهي باقي عوام ويچارو بي يارو مددگار ڀلي پيو روئي رڙي ڪير به نه ٻڌو جڏهن ته ھاڻي برساتن سبب تباهي ۽ بدحالي جا منظر ڏسڻ ۾ اچن پيا. سمورين ڪالونين جون گھٽيون روڊ رستا تباھ برساتي پاڻي تلاءَ جا ڏيک ڏئي رھيا آهن پر ايم سي  ٻولھاڙي انتظاميا سمورين آبادين جو دورو ڪرڻ ۽ تباه ٿيل علائقن جي متاثرن جي لسٽ ٺاھڻ ۾ ناڪام وئي آهي ھميشا جيان پنهنجي وڏي کي خوش ڪرڻ لاءِ عوام آزار ڪردار ادا ڪيو آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.