حيدرآباد: سنڌي شاگرد تحريڪ جو سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلز مان شاگردن ۽ شاگردياڻي کي بي دخل ڪرڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلز مان شاگردن ۽ شاگردياڻي کي بي دخل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن علي رضا جلباڻي، سرمد راڄپر، سميع ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته گرمين جي موڪلن بعد تعليمي ادارا 12 آگسٽ کان کلڻا هيا جنهن سبب سنڌ يونيورسٽي جا غريب شاگرد ۽ شاگردياڻيون مختلف شهرن مان هزارين رپيا ڀاڙا ڀري ڄامشوري پهتا.

سندن چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا اوچتو برساتن جو جواز ڄاڻي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هاسٽلز مان بيدخل ڪري هڪ هفتي بعد واپس اچڻ جو چيو، جيڪا شاگردن سان زيادتي آهي.

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا مسلسل شاگردن سان زيادتيون ڪري رهي آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.