ٽنڊو جان محمد: مختلف ڳوٺن کي شهر سان ملائيندڙ پل ٽٽي پئي

ميرپورخاص کان مٺي ويندڙ ٽندو جان محمد جي ڳوٺ رمضان خشڪ وٽان واقع پل ٽٽي پئي آهي.

پل ٽٽڻ کانپوءِ ڳوٺ رمضان خشڪ ۾ رهندڙ تپيدار شوڪت خشڪ ٻين رهواسين جي مدد سان پل جي جمپ مٽي سان ڀري رهيو آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته روڊس کاتي جي بي ڌياني سبب پل ٽٽي آهي، جنهن سبب حادثا معمول ٿي ويا آهن.

سندن چوڻ آهي ته واٽهڙن جي سلامتي لاءِ پل تي مٽي وجهي رهيا آهيون، لاڳاپيل کاتو نوٽيس وٺي پل ٻيهر تعمير ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.