اڪري واسڻ نياڻي جي واهر نه ٿي، ڪينسر سان جهيڙيندي فوت

اڪري چودڳي (ن ع آ)   اڪري ڀرسان ڳوٺ سرائي ڏاڙهون خاصخيلي ۾ پورهيت محمد حسن جي نياڻي حرمت خاتون بلڊ ڪينسر سان جهيڙيندي 35 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويئي حرمت خاتون ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي هڪ هفتو اڳ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي اعلاج ۾ مدد جي اپيل پڻ ڪئي هئي پر بيحس سماج ۽سرڪار سندس جي اعلاج سميت هن مهل تائين خاندان جي ڪا واهر نه ڪري سگهي جنهن سبب چئن ٻارن ۽مڙس جو اڪيلو سهارو سڀيئي سور سيني ۾ سانڍي مٽي ماء حوالي ٿي ويئي هوٽل تي بيرا گيري سندس مڙس نذيراحمد ۽والد محمد حسن وس آهر الھ تلھ وڪڻي سندس اعلاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بلڊ ڪينسر جو اعلاج مهانگو هجڻ ۽ سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن جي بي حسي سبب گذريل هڪ سال کان بستري ڀيڙو هئي مسمات حرمت خاتون جي فوت ٿيڻ بعد سندس معصوم ٻچڙا ۽وارث سنڌ سرڪار توڙي سياسي اڳواڻن کي پاراتا ڏيندي جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي ڪنهن به سياسي اڳواڻ شرڪت نه ڪئي واضع رهي ته پورهيت محمد حسن جي فوت ٿيل نياڻي سميت ٻه پٽ پڻ مختلف بيمارين سبب معزور بڻيل آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.