خانپور مهر ۾ ٻه هفتا اڳ نوجوان تي تشدد مامرو، جاچ شروع

خانپورمهر ( ن ع آ )  خانپورمهر ۾ ٻه هفتا اڳ بااثر هندو سيٺن پاران پوليس ذريعي تشدد جو شڪار هندو مينگهواڙ نوجوان وجئي ڪمار وارو  معاملو عدالت ۾ پهچڻ بعد وجئي ڪمار مٿان تشدد معاملي جي عدالتي حڪم ملڻ کانپوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو پاڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس گهوٽڪي پاران تشدد جو شڪار نوجوان وجئي ڪمار ۽ تشدد ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل هندو سيٺن جي ڌر بچا رام، موتي رام، امبريش ڪمار، هريش ڪمار ۽ ٻين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ ميڊيڪل ليٽر لاءِ ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو اختر وسير جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم پاران تشدد جو شڪار نوجوان وجئي ڪمار مينگهواڙ کي ميرپور ماٿيلو کان ٻيهر خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد اسپتال آندو ويو، نوجوان وجئي ڪمار جي حالت خراب هجڻ ڪري کيس سهارو ڏئي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران وجئي ڪمار جو جسماني معائنو پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته اسپتال جي ايم او ڊاڪٽر عبدالڪريم مهر پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وجئي ڪمار مٿان پراڻي  تشدد جا ڪارا نشان آهن،سرٽيفڪيٽ موجب ته نوجوان جي ويهڪ واري هنڌ سوڄ به آهي ۽ ڄنگهن جي جوڙن تي به ڌڪن جو اثر ٿيل آهي، واضع رهي ته گذريل ڏينهن گهوٽڪي جي عدالت ۾ معاملي جي ٻڌڻي ٿي هئي، جنهن ۾  عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ  جو حڪم ڏنو هو، جيڪا ٻڌڻي 15 آگسٽ تي ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.